ٺٽو

پي ٽي آء جي پاليسي مزدور دشمن ۽ سنڌ دشمن رهي آهي، پ پ اڳواڻ

ايم ايڇ ڪنڀار
PPP Thattaپيپلزپارٽي ٺٽي جي ضلعي قيادت ۽ پارلياماني ميمبرن پي ٽي آء جي ايم پي اي حليم عادل شيخ جي ٺٽي جي دوري دوران پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت تي لڳايل الزامن تي سخت ردِ عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته، پي ٽي آء جي پاليسي مزدور دشمن ۽ سنڌ دشمن رهي آهي ۽ حليم عادل شيخ پنهنجو تعلق سنڌ سان ڄاڻائي صرف سنڌ حڪومت کي بُرو ڀلو قرار ڏيڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته اسٽيل مل جي ملازمن کي پي ٽي آء جي حڪومت بيروزگار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر اڳوڻي صوبائي وزير صادق علي ميمڻ، سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنهور، جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، پ پ ايم اين اي شمس النساء ميمڻ، سينيٽر سسئي پليجو، پ پ جي ايم پي ايز حاجي علي حسن زرداري، رياض حسين شاه شيرازي، ڄام اويس گهرام ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، جهرڪ ويجهو ستن معصوم ٻارڙن جي ٻُڏي فوت ٿيڻ تي کين به وڏو صدمو رسيو آهي ۽ سندن همدرديون متاثر خاندان سان آهن، سندن ايم پي اي رياض شاه شيرازي ۽ ضلعي صدر صادق ميمڻ به متاثر خاندان جي تڏي تي پهچي ڏُک ونڍيو آهي، هنن جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آء سنڌ جي پارلياماني ليڊر ايم پي اي حليم عادل شيخ جي جهرڪ ۽ ٺٽي جي دوري دوران ڏنل بيان جي ردعمل ۾ واضع ڪندي ڄاڻايو آهي ته پي ٽي آء جِي ٻٽي پاليسي ۽ سنڌ دشمن رويو هاڻي وائکو ٿي چڪو آهي، ايم پي اي حليم عادل شيخ پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران جهرڪ سانحي جي فوت ٿيل ٻارڙن جي خاندان ۽ وارثن سان همدردي ظاهر ڪرڻ بدران سياسي دُڪانداري چمڪائڻ لاء پهچي جهرڪ اسپتال ۾ هُلڙبازي ڪري ڪهڙو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو، هنن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته جهرڪ سانحي ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جا لاش نوابشاه ۽ ڪراچي اماڻڻ لاء سندن پ پ جا مقامي ڪارڪن ۽ اڳواڻ بروقت پهچي ايمبولينسن جو بندوبست ڪيو، اُتي پي ٽي آء جي ضلعي قيادت ڪٿي هئي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪرونا واري صورتحال ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي سرگرم رهي، ڪرونا سان جنگ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي قدمن جي ڊبليو ايڇ او سميت عالمي ادارن واکاڻ ڪئي آهي پر ان جي برعڪس پي ٽي آء جي وفاقي سرڪار مسلسل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪري بعد ۾ دير سان سنڌ حڪومت جي قدمن جي پوئيواري ڪئي، ۽ وفاقي سرڪار جي غلط پاليسي سبب هن وقت ڪرونا وائرس پوري پاڪستان ۾ بي قابو ٿي چُڪي آهي، جڏهن ته پي ٽي آء جي ٻِٽي معيار وارو رويو ان مان به ثابت آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران اسٽيل مل ڪراچي جي صورت ۾ عوام کي ڏنل تحفو پي ٽي آء سرڪار کان هضم نه پيو ٿئي، جنهنڪري هڪ ئي ڌڪ سان هزارين اسٽيل مِل جي ملازمن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، جنهن تي پڻ پيپلزپارٽي سميت سمورين جمهوريت پسند ڌُرين کي ڳڻتي آهي ۽ پي ٽي آء سرڪار هميشه سنڌ دشمني وارا فيصلا ڪيا آهن، پر هاڻي پي ٽي آء جي ڊرامي بازي ڪندڙ ايم پي ايز ۽ وزيرن کي هر موڙ تي عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button