ٺٽو

ٺٽو: محسن صفي کتري تشدد وارو معامرو، مک جوابدار ساٿي سميت پوليس وٽ پيش

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
Mohsin Khatri case culpirts behid barٺٽي جي ھاء پروفائل بڻيل ڪيس جو مک جوابدار ڊي ايڇ او جو پٽ ساٿي سميت پوليس وٽ پيش، ڊي ايڇ او ٺٽو پنھنجي پٽ سميت ٻنھي مک جوابدارن کي ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اميربخش کوسو حوالي ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب 4 ڏينھن اڳ ٺٽي شھر جي رھواسي ذھني معذور نوجوان محسن صفي کتري کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائي وڊيو وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ اھم پيش رفت ٿي آھي، جنھن تحت ڪيس ۾ مک جوابدار نامزد ڪيل جوابدار سڄڻ ميمڻ ۽ سندس ساٿي مرتضي خشڪ کي ٺٽو پوليس حوالي ڪيو ويو. ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر حنيف ميمڻ سندس جوابدار پٽ ۽ سندس ساٿي کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، سندن ھڪ ساٿي عامر ميمڻ ڪالھ شام جو گرفتار ٿيو ھو، ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن مان 2 جوابدار نعيم جوکيو ۽ زاھد کڏائي 2 ڏينھن اڳ گرفتار ٿيل آھن. عدالت پاران ضمانتون رد ٿيڻ ۽ جوابدار فرار ٿيڻ تي پوليس اٽالن ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر حنيف ميمڻ جي بنگلي تي ڇاپو ھڻي کيس ڪجھ دير حراست ۾ رکيو ھو، جوابدارن پاران ڏوھ ۾ استعمال ٿيل ڊي ايڇ او جي سرڪاري ڪار گاڏي پوليس برآمد ڪئي ھئي. ڊي ايڇ او کي پٽ 24 ڪلاڪن اندر پيش ڪرڻ واري خاطري تي آزاد ڪيو ويو ھو.
ٻڌايو پيو وڃي تہ اھم سياسي شخصيتن معرفت جوابدار پيش ڪيا ويا آھن. پوليس موجب سڀاڻي سومر ڏينھن سمورن 5 ئي جوابدارن کي رمانڊ لاء عدالت پيش ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button