ٺٽو

ٺٽو: سپيشل ايجوڪيشن کاتي جو صوبائي صلاحڪار محسن صفي کتري جي گھر پھتو، انصاف جي خاطري

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Qasim Naveed Qamar
2 ڏينهن اڳ ٺٽي شهر جي اسلام پور محلي جي رهواسي ذهني معذور نوجوان محسن صفي کتري سان ٺٽي جي ڊي ايڇ او سميت مختلف بااثر شخصيتن جي اوباش ۽ ڇڙواڳ پٽن پاران نوجوان کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائي پاڻي ۾ ٻوڙهڻ ۽ وڍيوز وائرل ٿيڻ واري واقعي جا تفصيل وٺڻ ۽ ذهني معذور نوجوان محسن کتري جي والد محبوب کتري ۽ ڪيس جي فريادي متاثر نوجوان جي چاچي معين عالم کتري سان همدردي ونڍڻ لاء اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جو صوبائي صلاحڪار قاسم نويد قمر متاثر تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل نوجوان محسن کتري جي گھر پھچي ويو، وارثن پاران جوابدارن ۽ ساٿارين جي راڄوڻي لاء ڌٻاء ۽ ساڻن ناانصافي جي قاسم نويد قمر کي شڪايت ڪئي، ان موقعي تي اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جي صوبائي صلاحڪار قاسم نويد قمر وارثن کي يقين دهاني ڪرائيندي چيو ته، هن مسئلي کي ڌٻائڻ ۽ ڪيس کي لوڙهڻ هرگز نه ڏينداسين، جيڪڏهن وارثن کي انصاف نه مليو ته هُو به ساڻن احتجاج ۾ شريڪ ٿيندو، ان موقعي تي وڏي انگ ۾ شهري صحافي ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ پڻ متاثر نوجوان محسن کتري جي گهر موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button