ٺٽو

مڪلي: ڊاڪٽر فرنٽ لائن تي وڙھن پيا پر سندن ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي، گرينڊ ھيلٿ الائينس

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

Paramedic staff protestingگرينڊ ھيلٿ الائينس سنڌ صحت کاتي سول اسپتال مڪلي ٺٽي جي ملازمن پاران جائز مطالبن ھيلٿ رسڪ الائونس، حفاظتي ڪٽس صحت کاتي جي سمورن ملازمن کي ڏيڻ، شھيد پيڪيج، فورٽير سروس اسٽريڪچر، ٽائم اسڪيل، پروموشن، تازو ڀرتي ڪيل نرسن کي رھيل پگھارون ڏيارڻ، مريضن لاء آئسوليشن سينٽر پوري سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ قائم ڪرڻ سان گڏ ڪرونا وبا جي پيش نظر سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ٻين ملڪن جيان مفت علاج جون سھولتون مھيا ڪرڻ لاء سول اسپتال مڪلي ۾ 2 ڪلاڪ ٽوڪن ڇڏ ھڙتال ڪري ھڪ احتجاجي مظاھرو سول سرجن افيس کان اسپتال جي گيٽ تائين ڊاڪٽر شيام ڪمار، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اشرف خشڪ، حاجي اسد خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، منظور چانڊيو، معشوق پنھور، ڊاڪٽر محمود، ڊاڪٽرغلام علي ڊاڪٽر ذوالفقار علي، ايشوا جو چيئرمين نظير احمد قريشي، ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، احمد علي خاصخيلي، مائيڪل شريف، علي خاصخيلي، ممتاز سرڪي، لياقت علي عباسي، عزيز پليجو، اسلم خشڪ، مختيار عرف گڊو خشڪ لاھوتي جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو تہ صحت کاتي جي سڀني شعبن سان وابسطہ ملازمن جا ڪافي جائز مسئلا حل ٿي ناھن سگھيا، جنھن ڪري اسان سراپا احتجاج بڻيل آھيون. ھنن چيو تہ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن سميت ملازم ڪرونا وائرس ڪري فرنٽ لائين تي جنگ وڙھي رھيا آھن، جن جون حياتيون بہ داء تي لڳل آھن، ان ھوندي بہ ھن مشڪل وقت ۾ سندن ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي ۽ نہ ئي سندن جائز مسئلا حل ٿي سگھيا آھن، جنھن ڪري مجبور ٿي احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ سندن جائز مسئلا فورن حل ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ مسئلا حل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ گرينڊ ھيلٿ الائينس سنڌ جي پليٽ فارم تان وڌيڪ راء عمل جوڙي احتجاجي تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو. ھنن فورن صحت کاتي جا سمورا مسئلا حل ڪري پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي آھي. کي شامل ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button