ھنڱورجا

سوڀوديرو تعلقي ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 21 ڪيس

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

سوڀوديرو تعلقي ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 21 ڪيس ظاهر ،جن ۾ سوڀوديرو اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ صحت کاتي جا ملازم شامل،جڏهن ته ڪرونا کان بچڻ لاءِ تعلقي سوڀوديرو جي سڀني شهرن ۾ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل نه ٿي سگھيو،ڪرونا وائرس وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو. تفصيل موجب سوڀوديرو تعلقي ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 21 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن ۾ سوڀوديرو اسپتال جا 6 ملازمن سميت راڻيپور ۽ هنڱورجا جا 21 ماڻهون شامل آهن هن ڏس ۾ ٽي ايڇ او سوڀوديرو ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ٻڌايو ته ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ صرف احتياطي تدابيرن تي عمل ڪرڻو پوندو ڇو ته وائرس جي خاتمي لاءِ اڃا تائين ڪا به وئڪسين ايجاد نه ٿي سگھي آهي. هن ٻڌايو ته باربار هٿ ڌوئڻ، ماسڪ جو استعمال، سينيٽائزر جو استعمال ڪرڻ ۽ سماجي وٿي برقرار رکڻ سان ئي وائرس کان بچي سگھجي ٿو.ٻي پاسي سوڀوديرو تعلقي جي هنڱورجا ،راڻيپور، سوڀوديرو ،سڳيون سميت ٻين شهرن ۾ ڪٿي به حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل نه ٿي سگھيو آهي دڪاندار توڙي واپاري ماسڪ جوا ستعمال ڪرڻ توڙي سينيٽائزر جو به استعمال نه ٿا ڪن .دڪانن ۽ بازارن ۾ هر وقت رش هجڻ ڪري ڪرونا جي وڌيڪ ڦهلجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button