جھمپير: ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ ڦھليل پراسرار بيماري تباھي مچائي ڇڏي
ايم ايڇ ڪنڀار
جھمپير جي ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ ڦھليل خطرناڪ پراسرار بيماري تباھي مچائي ڇڏي وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مرڻ ڪري ڀاڳين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، چوپائي مال کاتي ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. ان سلسلي م جھمپير جي ڪوھستاني پٽي جي رھواسي مالوند ماڻھن دانھيندي چيو آھي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ اوچتو پيل پراسرار بيماري وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آھن. ھنن چيو تہ چوپائي مال ڳئون ۽ ٻڪرين جو گلو، ٽنگ جو سڄڻ، تيز بخار سبب وات ۽ نڪ مان رت اچڻ کانپوء جانور چند ڪلاڪن ۾ مريو وڃن ٿا. ھنن چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ڪوھستاني ڳوٺ سليمان بروھي ۾ امام بخش بروھي جون پنج ٻڪريون ۽ اڄ ماستر بھرام بروھي جا ٻه ڍور بيماري سبب مري ويا آھن ۽ ڪافي جانور ان موزي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا اھن. ھنن چيو تہ دانھون ڪرڻ باوجود اڃان تائين ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال کي ويڪسين بہ ٿي ناھي سگھي. جڏھن تہ جھمپير شھر ۾ قائم ٿيل چوپائي مال واري اسپتال بند آھي، ڊاڪٽر گھر ويٺـي پگھارون پيا کڻن. ھنن گھر ڪئي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال کي ويڪسين ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچائي جھمپير ۾ بند پيل جانورن جي اسپتال کي کولي سندن جانورن جو علاج ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.