ھنڱورجا

ھنڱورجا: نبي پاڪ جي نياڻي بي بي فاطمه الزھره جو روضو تعمير ڪرايو، پاڪستان سُني تحريڪ پاران احتجاج

عزيز ميمڻ،هنڱورجا
پاڪستان سُني تحريڪ پاران جنت البقيع ۾ بي بي فاطمته الزهره جي مزار ٻيهر تعمير ڪرائڻ لاءِ هنڱورجا ۾ پاڪستان سُني تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ حافظ صابر حسين سهتو قادري، مدثر سهتو، مزل سهتو، عجيب جانوري،عاشق جهانگر، ولي محمد سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب هنڱورجا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بنا سبب جي سعودي جي حڪومت بي بي فاطمته الزهره جي روضي مبارڪ مسمار ڪيو جيڪا مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بي بي فاطمته الزهره سميت ٻين معصومين جا روضه تعمير ڪرايا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button