ھنڱورجا

ھنڱورجا: منڱڻاپوٽا واسي نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگھات ڪري ڇڏيو

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ منڱڻاپوٽا واسي نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب هنڱورجا لڳ ڳوٺ منڱڻا پوٽا جو رهواسي 20 سالا نوجوان شمن مارواڙي بيروزگاري کان تنگ اچي پنهنجي گھر ٻاهران زرعي زمين تي بيٺل ٽالهي جي وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.اطلاع تي هنڱورجا پوليس پهچي لاش اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button