ھنڱورجا

ھنڱورجا: قومي شهراھ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
رسول آباد لڳ قومي شهراھ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ هنڱورجا واسي پيرسن فوت. تفصيل موجب رسول آباد لڳ قومي شاهراھ تي پمپ جي سامهون تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ هنڱورجا واسي 60 سالا پيرسن محمد ابراهيم جانوري شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي هنڱورجا اسپتال آندو ويو جتي سندس جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس کي خيرپور اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو .فوتي پيرسن جو لاش هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ محمد جھنڊل جانوري ۾ سندس گھر پهتو ته قهرام مچي ويو هوڏانهن هنڱورجا پوليس ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي آخري اطلاعن تائين روڊ حادثي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close