ھنڱورجا: قومي شاھ راھ تي حادثو، 3 ميرپور ماٿيلو واسي زخمي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
هنڱورجا لڳ قومي شاهراھ تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائي کڏ ۾ ڪري ڪري پئي ،3 ڄڻا شديد زخمي ،اسپتال داخل. تفصيل موجب هنڱورجا لڳ قومي شاهراھ تي درگاھ پير پريل جي سامهون ميرپور ماٿيلي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مهراڻ ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائي کڏ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا يوسف علي ڪورائي،انور علي سميجو ۽ حاڪم علي سميجو شديد زخمي ٿي پيا جن کي هنڱورجا اسپتال داخل ڪرايو ويو جتي هڪ ڄڻي انور علي سميجو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close