ھنڱورجا

ھنڱورجا: شاھ جمال پئٽرول پمپ حادثي ۾ نوجوان زندگي ويٺو

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري نوجوان شديد زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش سيٺارجا لڳ ڳوٺ مير خان منڱڻيجو پهچڻ تي قهرام. تفصيل موجب هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي شاھ جمال پئٽرول پمپ سامهون تيز رفتار موٽر سائيڪل اچانڪ سلپ ٿيڻ ڪري 20 سالا نوجوان ثناالله ولد الطاف حسين منڱڻيجو شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي هنڱورجا اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽر کيس جي زندگي بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.فوتي نوجوان جو لاش سيٺارجا لڳ ڳوٺ مير خان منڱڻيجو ۾ سندس گھر پهتو ته قهرام مچي ويو مرحوم کي سوين آلين اکين سان آبائي قبرستان پير علي شير ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button