ھنڱورجا

ھنڱورجا: تيل جي قيمت ۾ اضافي خلاف ٽرانسپورٽرن احتجاج ڪيو

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
وفاقي حڪومت پاران پئٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 25 روپيه جو اضافو ڪرڻ واري عمل خلاف هنڱورجا ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ شهرين مجيب الرحمان جانوري، علي نواز ملاح، غلام مصطفيٰ پيرزادو، خالد حسين جانوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ،نوڪريون فراهم ڪرڻ ۽ گھر ٺاهي ڏيڻ جا واعده ڪيا هئا پر سڀئي واعده حڪومت وساري چُڪي آهي پئٽرول 25 روپيه مهانگو ڪري عوام جي مٿان پئٽرول بم اڇلايو ويو آهي جنهن سان عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي حڪمران عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آهن هنن مطالبو ڪيو پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button