ھنڱورجا

ھنڱورجا: احساس ڪفالت پروگرام سڳيون جي ايجنٽ جي ڊيوائس بند، داد رسي ڪرڻ وارو ڪو ناھي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
احساس ڪفالت پروگرام سڳيون جي ايجنٽ شهزادو ڀاڳت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته بنا ڪنهن سبب احساس ڪفالت پروگرام جي عملدارن منهنجي ڊوائس کي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان علائقي جون سوين مستحق عورتون احساس ڪفالت پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ پريشان آهن هن ٻڌايو ته ڊاوئس کولرائڻ لاءِ احساس ڪفالت پروگرام جي وسوارن عملدارن وٽ دانهيو آهي پر ڪير به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته احساس ڪفالت پروگرام جي منهنجي ڊوائس کولي وڃي ته جيئن علائقي جي مستحقين کي صحيح نموني سان پئسا پهچائي سگھجن.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close