ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: يونيورسٽين جي سالياني فيس معاف نه ڪرڻ خلاف شاگردن طرفان احتجاج

انڊس نيوز، ڪوٽڙي

Students protesting against semester feeيونيورسٽين جي سالياني فيس معاف نه ڪرڻ ۽ بنا سهولتن جي هلايا ويندڙ آنلائن ڪلاسز خلاف شاگردن پاران ڄامشورو ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو.

تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان ڪانڀو خان عمراڻي، وسعت اللہ تیوٹو، سجاد انڙ، شهزاد ناريجو ۽ حيدر لطيف لغاري جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين ايس او پيز تحت احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي شاگردن پاران وفاقي حڪومت، هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته يونيورسٽين اندر پڙهندڙ سمورن شاگردن جي فيس معاف ڪري شاگردن کي رليف فراهم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آبادي جي وڏي حصي جو گذر سفر زراعت ۽ ننڍن ڪاروبارن تي آهي، پر هن وقت زراعت ماڪڙ سبب ۽ ڪاروبار لاڪ ڊائون سبب مڪمل متاثر ٿي چڪا آهن ،
تنهن ڪري هن صورتحال ۾ پورهيتن جا ٻار ايتريون ڳريون فيسون ڪيئن ڀري سگهندا، ان سان گڏوگڏ پهرين جون کان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي حڪم تحت شروع ڪيل آنلائن ڪلاسن وارو سرشتو شاگردن کي ذهني مفلوج بڻائڻ کانسواء ڪجھ به ناهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ %80 سيڪڙو شاگردن جو تعلق ٻهراڙي وارن علائقن سان آهي. جتي وڏي ۾ وڏو مسئلو انٽرنيٽ نيٽورڪ جو آهي. ان سان گڏوگڏ هر شاگرد وٽ انڊرائيڊ موبائيل، ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ يا ڪمپيوٽر به موجود هجي، ا جيڪي شاگرد پورهيت طبقي سان سلهاڙيل آهن، اهي ته هڪ وقت جي ويلي کائڻ لاءِ پريشان آهن، ڳريون فيسون، آنلائن ڪلاس وٺڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اليڪٽرونڪ ڊوائيسز يا مهنگا پيڪيجز ڪيئن ۽ ڪٿا ڪرائن؟
شاگردن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته” هن صورتحال ۾ اعلي’ اختيارين کي شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجن، نڪي سندن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ گهرجن، هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا هن صورتحال ۾ تعليم کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جو واحد ذريعو آنلائن ڪلاس ئي آهن، پر بنا سهولتن جي تڪڙي ترقي جي چڪر ۾ شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ وارو عمل ناقابل قبول آهي. پهريان شاگردن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن پوءِ آنلائن ڪلاس هلايا وڃن ،
هنن مطالبو ڪندي چيو ته شاگردن جي فيس معاف ڪري ، کين بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪورس کي مختصر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button