ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: سي آئي اي پوليس ڄامشورو منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سان ڀريل ٽرالرهٿ ڪرڻ جي دعويٰ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
سي آئي اي پوليس ڄامشورو وڏي ڪاروائي ڪري موٽر وي تي ڄامشوري ويجهو منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي ڀريل ٻورين وارو ٽرالر هٿ ڪري ورتو، پشاور کان ايندڙ ٽرالر ۾ مين پڙين ۽ گٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ لکين رپين جي ماليت واري چوري جون 150 ٻوريون هٿ ڪيون ويون، ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خفيا اطلاع تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر جي ڊرائيور نصيب گل ولد بادشاه خان کي گرفتار ڪري منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 150 ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن، هٿ ڪيل سامان جي ماليت اٽڪل 50 لک رپيا آهي، جڏهن ته جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close