ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: آءِ بي اي سکر جو ليڪچرار پراسرار نموني غائب

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي
Raja Balochآءِ بي اي سکر جو ليڪچرار، سنڌ يونيورسٽي جو پوزيشن هولڊر نوجوان پر اسرار نموني غائب.ڪوٽڙي قلندرآباد ڪالوني جورهواسي نوجوان محمد علي عرف راجا بلوچ گذريل ڏينهن کان غائب آهي ، والدين پاران تصديق سندس ڀاءُ احمد بلوچ جو چوڻ آهي ته ، راجا ڀاءُ سان گڏ جمعي نماز پڙهي موٽيو ڀاءُ کي ڇڏي ٿوري دير لاء ٻاهر ويو ته وري نه موٽيو، نمبر به مسلسل بند اٿس. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته،گم ٿيل نوجوان جي فون جو رڪارڊ ڪڍايون ٿا، ڳولا جاري آهي، نوجوان مذهبي خيالن جو هيو، گهران ڪاوڙجي نڪرڻ واري رخ تي به جاچ هلندڙ آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button