ڇا وفاقي ۽ سنڌ حڪومت عوام لاءِ ڪجھ ڪندي؟

شيرمحمد سولنگي

جڏهن کان پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس پکڙي آهي سنڌ حڪومت ۽ پي ٽي آئي وفاقي حڪومت هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪن ٿا جڏهن وائرس جي روڪ ٿام لاءِ عملي ڪم جي ضرورت آهي سنڌ ۾ ايترو ٽائيم لاڪ ڊائون رهيو پر سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ويئي جڏهن ته سنڌ جي عوام لاءِ وفاقي حڪومت به ڪو عملي ڪم نه ڪريو صرف احساس ايمرجنسي پروگرام تحت ڪجھ خاندانن کي 12000 ڏنا ويا جڏهن ته احساس ڪيش گرانٽ دوران ڪوبه عملي ڪم ڪرونا وائرس لاءِ نه ڪيو ويو ، اڪثر حڪومتي ڌريون ڪانفرنس ڪندي نظر آيون. ”سنڌ ۾ راشن ڪنهن کي نه مليو پر ڀاشن ضرور ملندو آهي“
مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته سنڌ حڪومت راشن جو واعدو ڪيو، جيڪو ڪنهن تائين نه پهتو، راشن ڪنهن کي نٿو ملي پر ڀاشن ضرور ملندو آهي.
اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته سنڌ ۾ راشن گهر نه پهچڻ تي ماڻهو روڊن تي آيا، جنهن سان وبا جو خطرو وڌيو، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته راشن جو پئسو ڪاڏي ويو؟ هن چيو ته گذريل 8 سالن ۾ سنڌ حڪومت کي ساڍا 5 کرب رپيا صحت لاءِ مليا، هيل تائين اهڙي اسپتال ناهي ٺهي، جنهن ۾ آصف زرداري جو علاج ٿي سگهي، لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جي چڪڻ جي ويڪسين ناهي، ڇا ڪراچي ۾ ڊاڪٽر فرقان کي ڏيڻ لاءِ هڪ وينٽي ليٽر نه هو، سنڌ ۾ اسپتالن جي انچارج عورت پنهنجي علاج لاءِ نجي اسپتال وئي.سندس چوڻ هو ته عالمي وبا تي به توهان کي ڪرپشن جي لڳل آهي، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي اسپتالن کي ايڊوانس رقم ڏني پئي وڃي، وڏو وزير مراد علي شاهه آصف زرداري جو سهولتڪار بڻيل آهي.مراد سعيد موجب جي آءِ ٽي رپورٽون پڙهو، سڄو پئسو زرداري جي اڪائونٽ ۾ ويو، جعلي اڪائونٽس ۾ پئسو اچي رهيو آهي، زرداري جي فرزند جا خرچ هلي رهيا آهن، جعلي اڪائونٽس ۾ وڌيڪ پئسا وجهڻ لاءِ وڏو وزير ويٺو آهي. بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ”حڪومت شهرين ۽ ڊاڪٽرن کي ننڌڻڪو ڇڏي انهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون آهن“ ڪورونا سبب پاڪستان هڪ جنگ جي صورتحال ۾ آهي، جتي وفاقي حڪومت شهرين ۽ ڊاڪٽرن کي ننڌڻڪو ڇڏي انهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪومت غريب جو نالو وٺي اميرن سان ملندي آهي، اهو ڪيترا ڀيرا ٿيو جو وزيراعظم عمران خان غريب طبقي سان ملاقات ڪئي هجي؟ فرنٽ لائن تي موجود طبي عملي سان مليو؟ انهن جي پريشاني جي ٻڌي يا مزدور طبقي جي نمائندگي ڪندڙ يونين جا مسئلا ٻڌا؟ وزيراعظم هڪ ڀيرو به ائين نه ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ وبا جو مقابلو ڪندڙ فرنٽ لائن ڊاڪٽرن سان ئي ملي.هن چيو ته وبا دوران اسٽيل ملز جا 10 هزار ملازم ڪڍڻ غير انساني رويو آهي، جنهن جي حق ۾ ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، وفاقي حڪومت نمبر سان کيڏي عوام کي بي وقوف بڻائي رهي آهي ته صحت جو شعبو ايتري صلاحيت رکي ٿو جو وڌيڪ ڪيس برداشت ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت وبا خلاف بهتر قدم کنيا ۽ ڊاڪٽرن کي تحفظ ڏنو، سنڌ ۾ ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائڻ تي زور ڏئي رهيا آهيون، اسان اسٽيل ملز جو ڪيس هر سطح تي وڙهنداسين ۽ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت جي موجوده حڪمت عملي سبب اسان ڪورونا کان نه بچنداسين ۽ نه ئي معاشي بحران مان نڪري سگهنداسين، ڇو ته مخصوص طبقو ادارن کي کپائي پئسا ٺاهڻ چاهي ٿو، وزيراعظم پهرين ڏينهن کي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا ۽ پاڪستان ۾ وائرس زبردستي پکيڙيو ويو.پ پ چيئرمين حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج کي فارغ ڪري خرچ گهٽايو.هن موجوده قيادت کي تاريخ جو سنگين ترين بحران قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ايترا ڪيس آهن، جيترا چائنا ۾ به ناهن.تحريڪ انصاف اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته وفاق سنڌ کي جيترو سامان ڏنو، اهي نجي اسپتالن ۾ کپايو ويو.پ پ چيئرمين جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي خرم شير زمان خرم چيو ته بلاول ٻڌائي آر او پلانٽ ڇو بند آهن، ڪيتري ڪرپشن ٿي؟ بهتر هو بلاول ٻڌائي ها ته سنڌ جو صحت ۽ تعليم جو نظام ڇو تباهه آهي.هن چيو ته ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ حڪومت کي فنڊ، ٽيمون ۽ جهاز فراهم ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري وقت ڪڍي آمريڪي عورت جي الزامن جو به جواب ڏئي.ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گھرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.شهباز شريف ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين ۽ متاثرن جي انگ ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو ان ڳالهه جو تقاضو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبا گڏجي حالتن جو جائزو وٺن ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گھرايو وڃي، فرنٽ لائن سپاهين ۽ عوام کي ڪورونا جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو وڃي.هن چيو ته ڪورونا جي تباهي وزيراعظم ۽ حڪومت جي دعوائن کي غلط ثابت ڪري چڪي آهي، اصلاح لاءِ نظرثاني ڪئي وڃي ۽ حالتن جي سنگيني کي ڏسندي وزيراعظم جي ڪنفيوزن هن وقت تائين ختم ٿي وڃڻ گھرجي ها.سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ وڌڻ جو الزام عوام تي نه لڳايو وڃي، انهن کي تيار ڪيو وڃي، آگاهي ڏني وڃي، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ علاج لاءِ در در جا ڌڪا کائيندڙ عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي.ن ليگي صدر اهو به چيو ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جي نتيجن تي نظرثاني ڪئي وڃي.بلاول ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهڙين حالتن ۾ صوبائي حڪومتون گهٽ ۾ گهٽ امن امان جي صورتحال برقرار رکن ۽ پاڻ کي تڪراري نه بنائين. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور تي قدم نه کڻي ها ۽ برامش جي ماءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها. هن وقت بلوچستان جي عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي ۽ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماڻهو روڊن تي تڏهن ئي ايندا آهن جڏهن انهن کي يقين ٿي ويندو آهي ته اختياريون اسان جون ڳالهيون ناهن ٻڌي رهيون. جڏهن اختياريون ڳالهيون نه ٻڌندي ته ماڻهو ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ ٻاهر اچي ويندا. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته معصوم برامش سان ٿيندڙ ظلم برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي. ڪي به لفظ برامش جي زخمن تي مرهم نٿا رکي سگهن. جيڪڏهن برامش جي ماءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته اها انصاف جي موت هوندي. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ناانصافي سبب بلوچن ۾ هونئن ئي ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي پيپلز پارٽي ارڙهين ترميم جي ذريعي بلوچستان جا ڪجهه مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهڙي طرح جا سانحا دهشتگردي کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿا. واضح رهي ته 26 مئي تي بلوچستان جي ضلعي تربت جي علائقي ڊنگ ۾ 3 هٿياربند ڦر جي ارادي سان هڪ گهر ۾ ويا ۽ مزاحمت تي ملڪ ناز نالي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته معصوم ٻارڙي برامش کي به گوليون هڻي زخمي ڪيو هو. ان واقعي کان پوءِ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برامش بلوچ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. حڪمران صرف پنهنجي مسئلن ۽ سياست تي غور ڪن ٿا هاڻي ڪجھ عوام لاءِ به ڪن بهتر ٿيندو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close