ڄامشورو

ڄامشورو: پيٽرول جي کوٽ، پيٽرول پمپ مالڪن پاران حڪومت ۽ اوگرا کي ذميوار قرار

انڊس نيوز، ڄامشورو

ڄامشورو ضلعي ۾ پيٽرول جي کوٽ کانپوء پئٽرول پمپ مالڪ ميدان تي اچي ويا پئٽرول پمپ مالڪ ملڪ ۾ پئٽرول جي کوٽ جو زميوار وفاقي سرڪار ۽ اوگرا کي قرار ڏئي ڇڏيو ڄامشورو ۾ پئٽرول پمپ مالڪن جي گڏيل طور پريس ڪانفرنس ان موقعي ته ڄامشورو جي پئٽرول پمپ مالڪ نجم الدين شيخ، فتح محمد جاگيراڻي، ارشاد سمون، لياقت ڇڄڙو، امام بخش لغاري، لالا اياز پٽاڻ ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار پاران ملڪ ۾ پهرين جون تي پئٽرول جي قميتن ۾ گهٽائي واري فيصلي کانپو۽ ملڪ توڙي سنڌ ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ کانپوء پرائيويٽ پيٽرول ڪمپنين پمپ مالڪ کي پيٽرول فراهمي بند ڪئي وئي آهي ان کان پوءِ پئٽرول پمپ بند ٿيڻ ڪري پمپ مالڪن کي هرروز لکين روپيا نقصان ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري ملازمن جون پگهارون بجلي جا بل ۽ يوٽيلٽي جا بلن جا ادا ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، هنن چيو ته ڪمپنين کي اڳ تيل مهيا ڪرڻ لاءِ آرڊر ۽ پيسا به ڏنل آهن ان کان پوءِ به ڪمپني وارا چون ٿا اسان جو پيٽرول مهانگو ورتل آهي ۽ حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت گهٽائي وئي آهي جنھن سان نقصان ٿي رهيو آهي ۽ عوام سمجهي ٿو ته اسان وٽ پيٽرول موجود آهي پر وڪرو نه پيا ڪيون، هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا بغير تصديق جي بناجواز پمپن تي ڏنڊ هڻي رهي آهي جيڪا ناجائزي آهي هنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي ڄامشورو سميت اعلي اختياريون پيٽرول جي خريداري ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button