پڊعيدن

پڊعيدن: حڪومت رڳو ڏٽا ۽ آسرا ڏنا، چار ڏينھن کان احتجاج ڪو ٻڌڻ وارو ناھي، ڊاڪٽر

انڊس نيوز، پڊعيدن
PDN Paramedical staffرورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن اڳيان ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل اڳواڻن جو ڇوٿين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاء اسپتال جي اڳيان بينر کڻي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر مبين احمد راڄپوت ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻ مير اعجاز راڄپر ڊاڪٽر محمد اسلم قادري, ڊاڪٽر شعيب, ڊاڪٽر نذهت ڊاڪٽر صنم فدا ڀريجو عائشه سيال انور راڄپر لياقت مبيجو سرور سيال شاهد سهتو زاهد سومرو ممتاز سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان سڄي سنڌ جي ڊاڪٽرن پيرا ميڊڪل اڳواڻن ۽اسٽاف کي گذريل ڪيتري ئي ٽائيم کان رڳو ڏٽا ۽ آسرا ٿا ڏنا وڃن ڪرونا وائرس دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي پنجاب صوبي ۾ ڊاڪٽرن جا مطالبا مڃا ويا آھن پر اسان جي سنڌ حڪومت کي هي سنڌ جا ڊاڪٽر نظر ئي نٿا اچن ڪرونا کي منهن ڏيڻ جي لاء اسان ڊاڪٽرن کي قربانيون ڏيڻون ٿيون پون پر افسوس گذريل چار ڏينهن کان اسان پنهنجي حق جي لاء احتجاج ڪري رهيا آھيون پر ڪير ٻڌڻ جي لاء تيار ئي ناهي اسان حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي پنهنجا جائز حق ٽائيم اسڪيل پروفيشنل الائونس ڪٽس ۽ ٻيو سامان ڏئي جائز مطالبا مڃان وڃن نه ته اسان جو هي احتجاج جاري رهندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button