آرٽيڪل

پوليو کي مات ڏيندڙ آمريڪا، ھن وقت بيوس بڻيل

ليکڪ: پيٽرڪ ڪوڪ برن

ترجمو: سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

ٻن وبائن (يعني بيمارين) گذريل ھڪ سو (100) سالن م آمريڪا کي سڀ کان گھڻو خوفزدہ (ڊيڄاريو) آھي.ان ٻن وبائن مان ھڪ نمبر ڪرونا وائرس يعني (COVID-19) آھي. ٻيو نمبر پوليو وائرس (poliovirus) جو آھي. ھي اھا خطرناڪ بيماري آھي. (يعني پوليو وائرس) جنھن چاليھ (40) سالن تائین آمريڪا تباھي مچائي. ھي عرص 1916 ۾ نيو يارڪ (New york) ۾ پوليو جي وبا، ۽ 1955 کان بعد تائین جو آھي. (يعني پوليو وائرس 1916 کان 1955 تائين جاري رھيو).

پوليو وائرس تمام ڊيڄاڙيندڙ ماحول پيدا ڪيو ھو. ڇوجو ھي انتھائي خطرناڪ وبائي شڪل ۾ ھو. ھن وائرس ننڍڙن ٻارن کي معذور ڪري چڏيو. اڪثر (يعني گھڻا) ٻار ھن وائرس جي ڪارڻ ھلاڪ (يعني مري) ويا. ۽ ان وقت ھن وائرس کي روڪڻ نا ممڪن پئي لڳو. وڏي پيماني تي ويڪسين (vaccine) جي استعمال ٿيڻ کان اڳم، پوليو جو وائرس طوفاني شڪل ۾ ظاھر ٿيو. سال گذرڻ سان گڏ ھن وائرس جي شدت ۾ تمام گھڻو اضافو (وڌارو) ڏسڻ ۾ پي آيو.

گھڻن ماڻھن پوليو وائرس جي ڀيٽ 1918 19 جي ھسپانوي فلو (Spanish flu) سان ڪرڻ لڳا. توھانکي ياد ڏياريندو ھلا، تہ ھسپانوي فلو جي ڪارڻ لکي ماڻھون پنھنجي زندگي تان ھٿ کڻي ويٺا. ليڪن ان فلو (flu) جو دورانو مختصر ھو. ليڪن ڪرونا وائرس (Coronavirus) جي وبا، پوليو (Polio) جي وبا سان گھڻي ڀاڱي ملندڙ (جلندڙ) آھي. ڇوجو ٻنھي وبائن جي ڪارڻ تمام گھڻا ماڻھون متاثر ٿيا آھن.

ويھين 20 صدي ۾ پوليو (polio) جي موثر (فائدمند) ويڪسين (vaccine) جي ايجاد، آمريڪا جي عظيم ترين سائنسي ڪاميابين مان ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. ان وقت ان ايجاد جو موازنو انسان جو چنڊ تي قدم رکڻ سان ڪيو ويندو ھو. ۽ اھيا ڪاميابي انسانيت (يعني بشر ذات) لاء تمام گھڻي فائدمند ھئي.

ليڪن ھي ڪاميابي آساني (سولائي) سان حاصل نہ ٿي ھئي. ان ڪاميابي کان پھريان کوڙ ساريون غلطيون پڻ ٿيون ھيون. پوليو وائرس جي فعال رھڻ جو وقت، ۽ ان جي دوران ان جو حملي آور ٿيڻ جو طريقو، ھن اندازي کان وڏ مختلف، ۽ تمام گھڻو پيچيدا (منجھيل) ثابت ٿيو. جيڪو اندازو پوليو وائرس جي شروعاتي ڏھاڙين ۾ لڳايو ويو ھو.

جونس سلڪ (Jonas Salk) جي ھن وائرس تحقيقات، ھن تحقيقات تي ڪافي سالن کان بعد ۾ البرٽ سبين (albert sabin) پڻ ڪم ڪيو ھو. ھن مرض کي ختم ڪرڻ لاء مختلف ويڪسين ٺاھڻ تي سائنسدان کي زبردست موٽ (داد) مليو ھو. پر ھن ويڪسين جي حتمي ڪاميابي جو انحصار (يعني دارو مدار) ٻين سائنسدانن ۽ انھن ليباٽرين جي ڪم تي منحصر ھو. جن ھن وائرس کي سمجھڻ ۾ اھم (موھم) ڪردار ادا ڪيو ھو.

ان وقت جي سياستدانن (politicians) ۽ سائنسدانن (scientists) ملی ڪري، پوليو وائرس کي شڪست ڏني. آمريڪا جي ان وقت جي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ (Franklin D. Roosevelt) جنھن ھن وائرس جي عوام کي آگاھي ڏني. ۽ ان علاج جي سلسلي ۾ سائنسي تحقيق جي تمام گھڻي حمايت ڪئي. اھو خد بہ 1921 ۾ پوليو وائرس ۾ متاثر ٿي چڪو ھو. جڏھن ان جي عمر (age) 39 سال ھئي. ۽ پوء ان پوري زندگي وھيل چيئر (Wheelchair) جو پابند ٿي گذاري. جڏھن تہ ان پنھنجي ووٽرز کان پنھنجي معذوري لڪائڻ جي پوري ڪوشش پڻ ڪئي ھئي.

صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ (Franklin D. Roosevelt) جنھن پوليو جي آگاھي لاء موھم جو اھتمام ڪيو. ۽ ويڪسين (vaccine) جي تحقيق ۽ دريافت لاء وڏي پيماني تي فنڊز جمع ڪرڻ شروع ڪيا. 1938 م ان نیشنل فائوئڊيشن انفسٽائل فالج (يعني پوليو جو ٻيو نالو) جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪيو. جڏھن ان کي خبر پئي، تہ ھي وائرس يعني (پوليو وائرس) بالغ ماڻھن کي بہ متاثر ڪري ٿو. ھي اھا ئي تنظيم آھي. جنھن بعد ۾ تمام آمريڪن کي ھڪ پيسو يا سينٽ جي شراڪت جي اپيل ڪئي. ۽ ملڪ ۾ "مارچ آف ٽائمز” (March of times) نالي سان ھڪ مھم جو آغاز ٿيو.

جونس سلڪ (Jonas Salk) ۽ ان جي ٽيم 1953 ۾ ھڪ محفوظ غير فعال پوليو ويڪسين تيار ڪري ورتي. جنھن جو ڪامياب تجربو 1955 ۾ ڪيو ويو. صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ(Franklin D. Roosevelt) جي ڏھين 10 ورسي جي موقع تي. جڏھن ٻارنھن اپريل (12 april) تي ٽيسٽن جي ڪامياب نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، تہ چرچ(Church) جون گھنٽيون وڄڻ لڳيون. ۽ پوري ملڪ ۾ جشن ملھايو ويو. ان جي اڳي سال ( يعني 1956) ۾ پوليو کي مات ڏيندڙ ويڪسين (vaccine) جو با قائدگی سان استعمال ڪرڻ شروع ٿي ويو. شڪاگو (Chicago) جتي پوليو جو ڦھلائو سڀ کان وڌيڪ، اتي طبعي ٽيمن خالي پيل دڪانن، ۽ خالي پيل جڳھن تي، وڏي پيماني سان ماڻھن کي ويڪسين جا ٽيڪا لڳايا وئا. اھڙي طرح ٻن، ٽن، سالن ۾ آمريڪا ۾ پوليو جي ڪيسز (Kisses) جي تعداد ۾ 85 کان 90 فيصد گھٽتائي (ڪمي) ڏسڻ ۾ آئي.

اوڻھين (19) صدي جي آخري ڏھاڙن ۾ پوليو جو وائرس تمام خطرناڪ حد تائین بين الاقوامي (International) وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي ھئي. ۽ سويڊن (Sweden) ۽ آسٽريا (Austria) جھڙا پري پري جا ملڪ بہ ھن وائرس سان بري طرح متاثر ٿي چڪا ھئا.ھن بيماري جو رد عمل بہ بين الاقوامي ھو. آمريڪا 1929 ۾ ھن وبا ۾ متاثر ٿيڻ وارن لاء (يعني جن ماڻھن کي ساہ کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ھئي) انھن لاء آئرن لنگز بہ ايجاد ڪيا. تاڪہ کي مريضن کي زندہ رکيو وڃي.

ليڪن دنيا جو پھريون آئی سي يو، جيڪو اڄ ڪلھ ڪرونا وائرس (Coronavirus) جي مريضن جي زندگي بچائڻ ۾ سڀ کان گھڻو ڪار آمد نظر اچي پيو. ان کي 1952 ۾ پوليو جي وبا دوران ڊنمارڪ (Denmark) جي شھر (Sity) ڪوپن ھيگن (Copenhagen) ۾ تيار ڪيو ويو ھو. ابتدا ۾ ئي آمريڪا جي تحقيق ۾ سڀ کان وڌيڪ اڳڀرو رھيو. جڏھن تہ دنيا ۾ سرد جنگ جھڙي حالت جي با وجود بہ آمريڪي صدر آئزن ھاور اھیو واعدو (وچن) ڪيو، تہ آمريڪا ۽ آمريڪي سائنسدانن جي ذريعي دريافت ٿيل ويڪسين کي باقي دنيا تائین پھچائینداسین.

جڏھن جونس سلڪ (Jonas Salk) جي رقيب (يعني مقابلو ڪندڙ) البرٽ سبين (albert sabin) جی تيار ٿيل فعال ويڪسين (vaccine) جو وڏي پيماني تي تجربو ڪيو ويو. جڏھن تہ ھي ٽيسٽ سويت يونين (Soviet Union) ۾ ٿي. سبين جي ويڪسين جو اھيو فائدو ھو تہ ان کي منھن (يعني وات) جي رستي کنڊ جي ھڪ ننڍڙي داڻي وانگر رکيو ويندو ھو. ھي ويڪسين ھڪ ئي وقت ٽن طرحن جي پوليو وائرسن سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ھئي. 1962 تائين ھن ويڪسين سلڪ جي ويڪسين جي جڳھ ولاري ورتي ھئي. ڇو جو ھن ويڪسين جو فقط استعمال آسان (سوکو) نہ ھو. بلڪي ھي دعوا پڻ سستي ھئي. جونس سلڪ (Jonas Salk) ۽ البرٽ سبين (albert sabin.) انھن ٻنھن پنھنجي دريافتن کي پينٽ ڪرڻ يعني لائنس وٺڻ کان بعد ۾ حاصل ٿيڻ واري رقم وٺڻ کان انڪار ڪري چڏيو.

اڄ پوري دنيا (پرٿوي) مان پوليو وائرس (poliovirus) جو خاتمو ٿي چڪو آھي. فقط افغانستان، (Afghanistan) پاڪستان، (Pakistan) ۽ نائیجيريا، (Nigeria) ۾ ئي ھي وائرس بچيو آھي. جنھن جو وڏو ڪارڻ بنياد پرستن جو نظريو آھي. جيڪي پوليو جي خاتمي لاء ھلندڙ مھم جي ڪٺن مخالفت ڪن ٿا.

اڄ اگر ويھين صدي ۾ ڦھلجڻ واري پوليو وائرس جي خلاف آمريڪا جي زير قيادت مھم جو موازنو، ايڪھين صدي ۾ ڪووڊ 19 جي وبائي مرض جي رد عمل جي ساٿ سا ڪيو وڃي. تہ پھرين ڪيس (يعني پوليو وائرس) ۾ تہ آمريڪا قيادت جي حڪمت عملي واضع، ۽ روشن ھئي. جڏھن تہ ٻئي ڪيس (يعني ڪرونا وائرس) جي ڪري آمريڪا ۾ مرڻ وارن جي شرع دنيا جي تمام ملڪن کام گھڻا گنا وڌيڪ آھي. ھي تحرير لکڻ وقت 84 ھزار آمريڪي ڪرونا وائرس جي ڪارڻ ھلاڪ (مري) چڪا آھن. ھي تعداد ايشا (Esha) ۽ يورپ (Europe) ۾ مرڻ وارن جي تعداد م سڀ کان گھڻي تعداد آمريڪا جي آھي. سياسي، ۽ طبي، لحاظ سان آمريڪا ھن وبا کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رھيو آھي.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ ( Donald Trump) جو ڪووڊ 19 سان مقابلو ڪرڻ جي حڪمت عملي جو، اگر اسان صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ (Franklin D. Roosevelt) جي پوليو وائرس جي خلاف کينل اقدامن سان موازنو ڪيو وڃي. تہ ٽرمپ جي طرفان سڀ کان پھريان ھن وائرس کي فقط معمولي زڪام چيو ويو. پوء ھن وائرس جي خلاف ٽرمپ سرڪار طرفان ٺوس قدم کنيا ويا. جنھن جي ڪارڻ آمريڪي سياسدانن تي مذمت پڻ ڪئي. ۽ جڏھن ويڪسين جي ڳالھ آئي تہ مليريا کان بچڻ واري ھڪ گوري (ٽيبليٽ) استعمال ڪرڻ لاء چيو. جڏھن تہ اھا ڪرونا وائرس جي خلاف بيڪار ھئي.

عالمي خطري جي خلاف بين الاقوامي تعاون جي بجائي آمريڪي صدر ھڪ سازشي ٿھيوري جي حمايت ڪري رھيو آھي. جنھن ۾ اھيا دعوا ڪئي وئي آھي، تي ڪرونا وائرس کي چين (China) جي ھڪ ليباٽري ایجاد ڪيو ويو آھي. حالانڪ آمريڪا جي پنھنجي خفيہ اينجسين ۽ سائنسدانن چیو آھي، تہ انھن وٽ ڪو اھڙو ثبوت نہ آھي، جنھن جي آڌار تي اھيو الزام چين تي مڙھيو (يعني لڳايو) وڃي.

وبائي مرض کان خوفزدہ ماڻھون اڪثر بيماري جي وجھ جو الزام ٻين تي لڳائیندا آھن. ۽ اھڙن حالاتن ۾ ٻين ٻين ملڪن کي قرباني جو ٻڪرو ٻڻايو ويندو آھي. نيويارڪ (New york) ۾ جڏھن 1916 ۾ پوليو جي وبا آئي. تہ ان ڦھلجڻ جو شڪ نيپلس (Naples) مان نون اچڻ وارن تارڪين وطن تي ڪيو ويو ھو. ۽ اھڙي طرح جي شڪ جي بنياد تي ھزارن جي تعداد ۾ ڪتن ۽ ٻلين جو شڪار ڪري، انھن کي ھلاڪ (ماريو) ويو.

زينو فوبيا يعني غير ملڪن جي ماڻھن سان نفرت ڪرڻ واري لاء، ھي ڏاڍو مناسب وقت ھوندو آھي. جڏھن ھون ڪنھن غير ملڪين جي خلاف وبا جي نالي نفرت کي ھٿي واٺرائي سگھن ٿا. قومي ريپبکن سينٽيري ڪميٽي اپريل ۾ ھڪ خط موڪليو ھو. جنھن ۾ اھيو چيو ويو ھو، تہ ڪرونا وائرس (چيني ھٽ اينڊرن) يعني چيني حملو ھو. جڏھن تہ اميدوارن کي ان سلوگنز سان گڏ جارحانا ڪاروئي ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو ھو. چين تي سفري پابندي کا علاوہ، ڊونلڊ ٽرمپ (Donald Trump) جو دفاع نہ ڪيو. چين تي تنقيد ڪيو.

آئون خد حڪومت ۽ طبي ماھرين جي وبائي مرض سان مقابلو ڪرڻ جي حڪمت عملي ۾ دلچسبي وٺندو رھندو آھيان. ڇوجو مان خود ڇھن سالن جي عمر ۾ 1956 ۾ آئرلینڊ (Ireland) جي شھر ڪارڪ (Cork) ۾ پوليو جو شڪار ٿي چڪو ھئس. ويڪسين اچڻ کان پھريان ھي پوليو وائرس جي آخري لھر ھئي. جنھن ۾ متاثر (مفلوج) ٿيڻ وارن ۾ اڪثر تعداد ننڍرن ٻارن جي ھئي. حالانڪ بالغ ماڻھون بہ ھن جي خلاف مدافعت نہ رکندا ھئا. لیڪن ان وقت مونکي اھيا ڳالھ معلوم نہ ھئي.

پوليو وائرس جو شڪار منھنجو ڀيڻويو (يعني ڀيڻ جو مڙس) مائیڪل فلينڊر ٿيو. جيڪو ھڪ اداڪار ۽ "اي ڊراپ آف ھيٽ” جھڙي رڪارڊ فروخت (وڪڻڻ) وارو گلوڪار ھو. اھو 1939 ۾ يونيورسٽي (University) ۾ ھو. جڏھن انکي نيوي فورس (Naviforce‏) ۾ طلب ڪيو ويو. ۽ 1943 ۾ ھو پوليو وائرس جو شڪار ٿيو. پوليو جي ڪارڻ ھو مستقبل طور تي وھيل چيئر تائین محدود ٿي ويو.

پوليو وائرس جو شڪار ٿيڻ منھنجي بدقسمتي ھئي. ان وقت جڏھن دنیا ۾ سلڪ ويڪسين متعارف ٿي چڪي ھئي. پر يورپ ۾ ان جي تقسيم بعد ۾ ٿي. مونکي لڳندو ھو، تہ مان ھن ترقي يافتہ دنيا ۾ آخري انسان ھئس جيڪو ھن وائرس جي ڪارڻ معذور ٿيو ھجي. جنھن پھريان ئي چیچڪ، (Chichak) ھيخہ، ۽ تپ دق، (TB) جي خلاف ويڪسين تيار ڪري رکي ھئي. پھرين ڇھين مھينن ۾ اھيا ڳالھ سامھون اچي چڪي ھئي، تہ مون سميت کوڙ سارا ماڻھون ھن وبا جي خاتمي لاء ڪجھ گھڻو ئي پر اميد نظر اچن پيا. بيشڪ ھي عالمگير دنيا کوڙ سارن خطرناڪ وائرسن (virus) ۽ بيڪٽیريا کي ختم ۽ انھن کي قابو پائڻ ۾ ڪامياب رھين آھي. ۽ بيڪٽيريا انتھائي خوفناڪ حد تائين نقصان رسائي سگھندا آھن.

پوليو جي مثال ھڪ اھڙي وائرس جي آھي. جنھن جدت (انوکائي) کي پنھنجي ڦھلجڻ لاء استعمال ڪيو. ان وائرس جي ھڪ گھڻي (طويل) تاريخ رھين آھي. جيڪا ماڻھن کي مفلوج (متاثر) ڪرڻ جو ڪارڻ ٿيندي رھي. پر فقط اوڻھوين (19) صدي ۾ ھن وائرس خطرناڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري ورتي. حقيقتن پوليو جي وبا گھڻو ڪري وڏن شھرن جي مصروف جڳھن تي ڦھلجي. بري طرح متاثر ٿيڻ وارن شھرن ۾. نيويارڪ، (new york) شڪاگو، (Chicago) ميلبورن، (Melbourne) ڪوپن ھيگن، (Copenhagen) ۽ سٽاڪ ھوڪ جا جديد ضلعا شامل ھئا.

بعض اوقات پوليو کي درمياني طبقي جي بيماري بہ ڪوٺيو ويندو ھو. ڇوجو ڪچين آبادين، ۽ غريب علائقن ۾ موجود ٻارڙن کي شاذ (اڻلڀ) و نادر (اڳ نہ ڏٺل) انفيڪشن ٿيو. ھن جي وجھ انھن کي مائرن کان ملڻ واري ‘اينٽي با ڊيز’ يعني يعني جسم ۾ بيمارين جي خلاف پيدا ٿيڻ واري مدافعت ھئي. ليڪن اھڙين جڳھين تي جتي صاف پاڻي جي فراھمي ۽ نڪاسي جا موثر انتظامات موجود ھئا. اتي جي ٻارن کي بيماري لڳڻ جو خطرو وڌيڪ ھو.

ڪارڪ شھر بہ يقيني طور تي انھي وجھ سان متاثر ٿيو. ڪائونٽي جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر جيرالڊ ميڪارٿي جی مطابق. معيار زندگي جيترو ڀلو ھوندو اوتروئي بيماري لڳڻ جو رجحان گھڻو ھوندو. عام طور تي گھڻي صاف سٿري ماحول ۾ پلجڻ وارا ٻار گھڻو حساس ھوندا آھن. ريڊ ڪراس جي ھڪ نرس موريين اوسليوان، جيڪا ايمبولينس ھلائیندي آھي. جنھن مونکي ٻڌايو تہ 80 فيصد متاثر ٻارن جو تعلق امير، يا مستحڪم، گھراڻن سان ھو.

آئون ۽ منھنجو ڀاء اينڊريو پوليو وائرس جو نشانو شاھد ڪنھن ٻئي طرح سان بڻيا ھجون. اسانجي والدين سوچيو، تہ اسان ھن وبا کان محفوظ رھنداسين. ان ڪري جو اسان آئرلینڊ (آئرلینڈ) جي ھڪ ڳوٺ ۾ الگ رھندا ھئاسین. ليڪن ان جو مطلب اھيو ھرگز نہ ھو، تہ اسان ھن خطرناڪ وائرس کان بچي وينداسين. اسان مڪمل طور طور الگ نہ ھئاسین، ڇوجو اسانجو والد ڪارڪ شھر ۽ لنڊڻ، (London) شھر جي درميان سفر ڪندو رھندو ھو.

الگ رھڻ وارا فرد، ۽ گھر، بہ پوليو وائرس جا شڪار رھيا آھن. سڀ کان پھريان ھي وبا جنوبي بحر اوقيانوس جي علائقي، سينٽ ھيلينا (Sainte-Helene) ۾ پکڙي ھئي. ان کان بعد ۾ آسٽريليا (Australia) جو جزيرو تسمانيہ (Tasmania) ھن وائرس جو نشانو بڻيو.

پوليو وائرس (poliovirus) ۽ ڪرونا وائرس(Coronavirus) جو نشانو بڻجڻ وارن افرادن جي نوعيت مختلف آھي. پوليو جي معاملي ۾ سڀ کا گھڻو خطرو نوجوانن کي ھو. جڏھن تہ ڪووڊ ۱۹ ان جي ابتڙ (يعني برعڪس) آھي. ھن جو نشانو پوڙھا، بيمار، ۽ غريب ماڻھون آھن. ٻنھي وائرسن ۾ جيڪي شيون مشترڪ آھن. اھي ھي آھن تہ ھي گھڻي تعداد ۾ ماڻھن کي متاثر ڪري سگھن ٿا. ۽ ڪجھ ماڻھن م علامتون ظاھر نہ ٿيڻ جي وجھ سان، اھي بغير ھن علم جي تہ انھن کي وائرس لڳي چڪو آھي ۽ اھي ماڻھون انکي ڦھلائجڻ جو ڪارڻ ٿيندا آھن.

ماضي ۾ ۽ موجودہ دور جي ڊاڪٽرن ڪڏھن بہ اھيو محسوس نہ ڪيو، تہ ماڻھن ۾ انھن خطرناڪ بيمارين جو شديد گھرو خوف بہ ھوندو آھي. ۽ انھن کان پري بہ رھڻ گھرجي. انھن کي اھيو ٻڌائڻ جو ڪو فائدو نہ آھي. تہ انفيڪشن کان بچڻ نا ممڪن آھي. يا نشانو ٿيڻ واري جي عمر تي انحصار ڪري ٿو. تہ ان کي ڪيترو نقصان پھچندو. اگر ماڻھون خطرو محسوس ڪندو، تہ از خد پاڻ کي قرنطينہ جي حوالي ڪري چڏيندو. ڪجھ ملڪن جي ماڻھن حڪومت جي اعلان ٿيڻ کان پھريان ئي پنھنجو پاڻ کي الگ سلگ رکڻ شروع ڪري ڏنو. جنھن منجھ ايران، (Iran) ۽ برطانيہ سرفھرست آھن.

رائی شماری پولز کا خبر پئي آھي، تہ لاڪ ڊائون جي نفاظ جي وجھ حڪومت جي ھدايتن کان وڌي ڪري ماڻھن ۾ پيدا ٿيل ڪرونا وائرس جي ڦھلجڻ جو خوف آھي. سو (100) سال پھريان بہ نيويارڪ (New york) جي ماڻھن ۾ اھيوئي خوف ۽ اھيي خدشات ھئا. جنھن جی ڪارڻ اڪثر ماڻھن پنھنجن علائقن کي سيل ڪري چڏيو.

ھن سال جڏھن ھي وبا آئي، تہ مان تقريبن نصف (اڌ) صدي پھريان ئي پوليو جھڙي وائرس جو شڪار ٿيڻ جي وجھ سان، وڏن متوزاي تجربات کان گذري چڪو ھئس. پوليو ۽ ڪووڊ 19 جون علامات مختلف آھن. پر انھن پيدا ٿيندڙ خوف ھڪجھڙو آھي. ٻنھي وائرسن ۾ مشترڪا شيء ھي آھي، تہ ٻنھن ۾ متاثر ٿيڻ کان بعد ۾ ساھ کڻڻ ۾ ڏکائي ہيدا ٿئي ٿي. جنھن جو مطلب ھي آھي، تہ زندگي کي بچائڻ لاء وينٽي ليٽر (آئرن لنگز) جي ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو وڃي.

جنھن کي آمريڪا 1929 ۾ پوليو جي متاثرين کي بچائڻ لاء ايجاد ڪيو ھو. انھن ماڻھن لاء جنھن کي ساہ کڻڻ م ڏکائي ايندي ھئي. اھڙي طرح آئي سي يونٽ بہ آھي. جيڪا ھن وقت پوليو متاثرين جي علاج لاء ڪوپن ھيگن ۾ ٺاھي وئي. اھڙي طرح سان اڄ بار بار ھٿ ڌوئڻ واري عمل کي ان کان بچائو جو طريقو ٻڌايو وڃي ٿو.

اڄ ڪلھ ڪرونا وائرس جي ويڪسين، جلد از جلد تيار ڪرڻ جو دٻائو آھي. ليڪن اگر ماضي کي ڏٺو وڃي، تہ ان جي مثال ڪجھ وڌيڪ سٺي نہ آھي. صدر فرينڪلن روزويلٽ (Franklin D. Roosevelt) ۽ جونس سلڪ (Jonas Salk) کي ويڪسين ٺاھڻ ۾ ھڪ وڏو عرصو لڳو ھو.

جڏھن 1908 ۾ ويانا (Viana) ۾ پوليو وائرس جي سڀ کان پھريان نشاندگي ڪئي وئي. تہ اھو خيال ڪيو ويو تہ جلد از جلد ھن جي موثر (فائدمند) ویڪسين تيار ڪئي ويندي. پر ان جي باوجود 1930 ۾ سائنسدانن کي ھن وائرس جي ٽن قسمن کي ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ويا. ۽ 1935 ۾ ايجاد ڪيل ويڪسين ۾ ناڪام ثابت ٿيان.

جونس سلڪ (Jonas Salk) ۽ البرٽ سبين (albert sabin) پوليو کي ختم ڪرڻ ۾ آخرڪار ڪامياب ٿي ويا. پر سائنسدانن کي عوام جي حمايت جي رائي، انھن مڪمل حمايت حاصل ڪرڻ، ۽ واشینگٽن (Washington, D.C.) جي ذريعي ملڻ واري حمايت جي با وجود ويڪسين کي تيار ڪرڻ ۾ اڌ صدي لڳي وئي.

آمريڪن تاريخ جي سڀ کان گھڻي بي ربط، ۽ انتشار جو شڪار موجودہ حڪومت، اڄ انھي ڪاميابي کي ڌورائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button