مختصر خبرون

ٺٽو: گھوڙاٻاري جي مين برانچ اڏيرو لعل کي 152 آرڊي وٽان 10 فوٽ گھارو

انڊس نيوز، ٺٽو
Breach in canalڳاڙهي ويجهو تعلقي گھوڙاٻاري جي مين برانچ اڏيرو لعل کي 152 آرڊي وٽان 10 فوٽ گھارو پوڻ ڪري پاڻي آس پاس جي زمينن ۽ بيٺل فصلن ۾ اچڻ بعد پاڻيءَ ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو، جنھن ڪري آس پاس جا رھواسي ڳوٺاڻا خوف ۾ وٺجي ويا آھن، جن پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي کي روڪڻ لاء ڪوششون جاري ڪري ڇڏيون آھن، پر اڃان تائين ايريگيشن کاتي سميت ضلعي انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، مقامي رھواسين ضلعي انتظاميہ ۽ ايريگيشن کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ فورن واھ کي پيل گھارو بند ڪرائي سندن فصلن توڙي ڳوٺن کي نقصان کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button