ٺٽو

ٺٽو: منٿ ميڙ قافلو، محسن صفي کتري جي وارثن معافي ڏئي ڇڏي

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
10 ڏينھن اڳ ٺٽي ۾ تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل ذھني معذور نوجوان محسن صفي کتري جي وارثن کتري برادري وٽ معافي لاء منٿ ميڙ قافلو پھچي ويو، متاثر کتري برادري منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي معافي ڏيئي ڇڏي، ڪيس تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو، صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز علي شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي، پي پي ٺٽي جي ضلعي صدر صادق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ قافلو پھتو، ان موقعي تي واپاري اتحاد جو صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي، پي ٽي آئي ضلعي ٺٽي جو صدر رئيس ارسلان بروھي، پاڳارو سيد اسماعيل شاھ شيرازي سميت ٻين برادرين جا چڱا مڙس بہ موجود ھئا. ان موقعي تي
قافلي ۾ ڪيس جي مک جوابدار سڄڻ ميمڻ جي پيء ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر حنيف ميمڻ، سندس ڀاء اڳوڻو ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ظھور ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.
متاثر نوجوان محسن جي والد محبوب کتري ۽ چاچي ڪيس جي فريادي معين عالم کتري منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي کين معاف ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button