ٺٽو

ٺٽو: ھاشم آباد سوسائٽي جي آفيس سيل، رڪارڊ ضبط

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ھاشم آباد ڪو آپريٽو سوسائٽي مڪلي ۾ ٿيل خرد برد ۽ بيقاعدين جو سيڪريٽري ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي نوٽيس وٺي لاٿو، ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جي ٽيم ڪراچي کان ٺٽو پھچي مڪلي ھاشم آباد سوسائٽي جي آفيس کي سيل ڪري رڪارڊ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب گذريل ڪافي وقت کان مڪلي ڪو آپريٽو ھاشم آباد سوسائٽي جي رڪارڊ ۾ ھيراڦيري ۽ بيقاعدگيون ڪيون ويون آھن جنھن بعد حقيقي مالڪن جا کاتا تبديل ڪري فراڊ ذريعي فرضي ماڻھن جي نالن تي پلاٽن جي الاٽمينٽ ڏيکارڻ سان گڏ اڪٽر پلاٽن جي الاٽمينٽز کي ڪينسل ڄاڻائي انھن جي ٻيھر ڪوڙي داخلا رکي پلاٽن کي غيرقانوني طور وڪرو ڪري پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا ويا جنھن معاملي جي انڪوائري اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيس ٺٽو ۾ پڻ ھلندڙ آھي ۽ انڪوائري دوران ڇڙڪائيندڙ انڪشاف پڻ سامھون آيا آھن ۽ پتو پيو آھي تہ مڪلي ھاشم آباد سوسائٽي جو موجودہ چيــئرمين پنھنجي عھدي تان استعفيٰ ڏيئي دستبردار ٿي ويو آھي، اھڙي صورتحال کان پوء ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي سنڌ جي سيڪريٽري معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي مذڪورہ آفيس کي سيل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنھن کان پوء سب انسپيڪٽر رضوان جوڻيجو پنھنجي ٽيم سان گڏ ڪالھ ڪراچي کان ٺٽو پھچي مڪلي ھاشم آباد سوسائٽي جي آفيس کي سيل ڪري رڪارڊ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن تہ ان موقعي تي اسسٽنٽ رجسٽرار ٺٽو ارشد حسين پنھور پڻ موجود ھو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button