ٺٽو

ٺٽو: ڪوڙا ڊوميسائيل حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ڀرتي جو انڪشاف

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ٺٽي ضلعي جي ڪوٽا تي ڪوڙا ڊوميسائيل حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ ڪيترن ئي جوانن جي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف، ڊي آء جي حيدرآباد پاران شڪ جي بنياد تي تصديق لاء ڊي سي ٺٽو کي 26 پوليس اهلڪارن جي ڊوميسائيلن جي تصديق لاء ليٽر جاري ڪيو، جنھن بعد ڊي سي ٺٽو پاران رڪارڊ جي ڪرايل جاچ پڙتال دوران 26 جوانن مان 9 جوانن جي ڊوميسائيلن جو ڪوبه رڪارڊ ناھي مليو. ذريعن موجب
9 جوانن جي ڊوميسائيلن جي تصديق، باقي 17 جوانن جي ڊوميسائيلن کي جعلي قرار ڏيندي ڊي سي ڊي آء جي ۽ آء جي کي ليٽر اماڻي ڇڏيا آھن. ذريعن موجب 2007 ۽ 2013 ع جي ڀرتي ڄاڻايل 9 جوان ٺٽي ضلعي جي ڪوٽا تي پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيا هئا، جيڪي اڃا تائين ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، سول سوسائٽي موجب مختلف وقتن تي ٿيندڙ ڀرتين دوران وڏي تعداد ۾ ٻين ضلعن توڙي ٻين صوبن جي نوجوانن ٺٽي جي ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائيلن جي آڌار تي نوڪري حاصل ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button