ٺٽو

ٺٽو: پ پ پ ضلعي عھديدارن پاران اسٽاڪ ايڪسچينج حملي جي مذمت

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Imtiaz Qureshiپ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي ۽ اطلاعات سيڪريٽري محمود عالم شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تہ گذريل ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن ملڪ دشمن قوتن جي حملي کي ناڪام بنائي وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏنو آهي ھنن وڌيڪ چيو آهي ته هي حملو غير ملڪي ايجنڊا تحت سنڌ جي وحدانيت تي حملو آهي جنهن کي سنڌ پوليس جي جوانن وڏي بهادريءَ سان منهن ڏيئي ملڪ دشمن دهشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو جنهن تي جس لھن واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي شھادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ کين سُرخ سلام پيش ڪندي سموري سنڌ پوليس جي جوانن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button