ٺٽو: پيش امام پنھنجي پٽ جي قتل جو الزام ٽن نوجوانن تي مڙھي ڇڏيو، پوليس ايف آءِ آر نه پئي ڪٽي

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ڪراچي گلشن معمار جي رھواسي مسجد جي پيش امام غلام شبير لانگاھ پريس ڪلب مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي انڪشاف ڪيو اھي تہ سندس 20 سالہ نوجوان پٽ ساجد لانگاھ کي ھڪ مھينو اڳ عيد جي ٻئي ڏيھاڙي تي سندس ٽن دوستن شاھ زين ھزاره والہ، آصف بگٽي ۽ مدد علي پٺاڻ ڪراچي مان موٽرسائيڪلن تي ٺٽي جي وڏي ڍنڍ ڪينجھر گھمائڻ بھاني وٺي اچي مڪلي پوليس جي حد ۾ مڪلي ويجھو ڄام واھ بئراج ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو، جنھن بعد مون پنھنجي پٽ جي موت جي جانچ ساڻس گڏ ويل سندس دوستن کان شروع ڪئي، ٻن ھفتن بعد شاھ زين ھزاره والہ مونسان اعتراف ڪيو آھي تہ سندس پٽ کي مون پاڻي ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو ھو. ھن چيو تہ ساڻس وڏو ظلم ٿيو آھي، ھن چيو تہ گذريل 5 ڏينھن کان مڪلي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رھيو آھيان، پر مڪلي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھن آء جي سنڌ، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري سندس پٽ جي قتل جي ايف آء آر مڪلي ٿاڻي تي شاھ زين ھزاره والہ، آصف بگٽي ۽ مفد علي پٺاڻ خلاف داخل ڪري سندس پٽ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close