ٺٽو

ٺٽو: مڙس جي وراثت مان حصو ڏياريو، بيواھ جو اعليٰ اختيارين کان مطالبو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
نئي آبادي گھارو جي رھواسڻ بيواھ حاجران زال مرحوم علي محمد جوکيو پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب مڪلي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ منھنجو مڙس علي محمد جوکيو ڪجھ مھينا اڳ فوت ٿي ويو اھي، جنھن جي ڪروڙين روپين جي ملڪيت تي منھنجي مڙس جي پھرين گھر واري جي وڏن پٽن حميد، پيرو، نورحسن، يونس ۽ بين قبضو ڪري اسانجي گڏيل ملڪيت زمينون ۽ پلاٽ وڪرو ڪري رھيا آھن، جنھن تي منھنجو بہ اوترو ئي حق آھي ھن چيو تہ مونکي بہ علي محمد جوکيو مان 8 ٻارڙن جو اولاد آھي، جيڪي سڀ ٻار صغير آھن، منھنجو ھاڻي ڪير بہ ڪمائڻ وارو ناھي، پنھنجي ٻارڙن جي آئون پاڻ سنڀال ڪري رھي آھيان. بيواھ حاجران چيو تہ پنھنجي حصي جي ملڪيت جي گھر ڪرڻ توڙي سموري ملڪيت وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ تي مونکي ۽ منھنجي ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت 5 راتيون اڳ مذڪوره جوابدارن منھنجي گھر ۾ گھڙي مونکي ۽ منھنجن ٻچن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، اسانجي رڙين تي پاڙي وارن پھچي اسانکي بچايو. ھن چيو تہ اھڙي دانھن گھارو پوليس کي ڏني پر پوليس اسانجي مدد ڪرڻ بجاء بااثر جوابدارن جي ڌر بڻيل اھي، جنھن بعد اڄ ايس ايس پي ٺٽو کي دانھن ڏني آھي، جنھن ڊي ايس پي ساڪرو کي اسان سان انصاف ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آھي، ھن وزير اعلي سنڌ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، چيف جستس سنڌ ھاء ڪورٽ، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري کين پنھنجو حق ڏياري کين ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ ويندس.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button