ٺٽو

ٺٽو: قبضا گروپ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز، ٺٽو
مڪلي باء پاس ڳوٺ يارو پالاري جي رھواسين در محمد پالاري، غفور پالاري، حيدر، اميرو پالاري ۽ بين مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ سندن ڳوٺ جي پلاٽ تي بااثر ماڻھون قبضو ڪري کين بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، جن اسانتي ڪافي ھٿ ٺوڪيا ڪيس پڻ داخل ڪرايا آھن. مڪلي پوليس بہ اسانجي مدد ڪرڻ بجاء قبضا گروپ جي ساٿاري بڻيل آھي، جيڪا بااثر ماڻھن سان ملي ڀڳت ڪري اسانکي وڌيڪ نقصان پھچائڻ چاھي ٿي. جن مان کين نقصان جو انديشو آھي. ھنن ايس ايس پي ٺٽو، ڊي سي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري سندن ڳوٺ جي پلاٽن تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري کين بااثر ماڻھن توڙي پوليس زيادتين مان نجات ڏياري بيدخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button