ٺٽو

ٺٽو: ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس جي ناڪابندي

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي ھدايت تي سڄي ضلعي ۾ پوليس پاران جنرل ھولڊاپ ناڪابندي جاري آھي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان چيو آھي ته امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪابندي پوائنٽس لڳائڻ سميت جنرل ھولڊاپ ناڪابندي جي دوران مشڪوڪ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي ڪاغذن جي جانچ ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تہ امن امان جي فضا قائم ڪرڻ ۽ ضلعي ۾ قانون جي بالادستي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پوليس کي سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جيئن ڏوھن ۽ ڏوھارين سميت سماجي برائين جو خاتمو اچي سگھي. ھن چيو تہ جنرل ھولڊاپ ناڪابندي جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻو آهي. ھن ضلعي جي پوليس کي ھدايت ڪئي تہ ھو ڏوھارين توڙي سماجي برائين خلاف ڀرپور قانوني ڪاروايون ڪري عوام کي تحفظ مھيا ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button