ٺٽو

ٺٽو: صحت کاتي ضلعي ٺٽي جو طبعي عملو ٻئي ڏينھن به سراپا احتجاج

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

صحت کاتي ضلعي ٺٽي جو طبعي عملو اڄ ٻئي ڏينھن تي بہ سراپا احتجاج بڻيل سول اسپتال مڪلي جي طبعي عملي مطالبن جي مڃتا لاء ٻئي ڏينھن بہ ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي ريلي بعد اسپتال جي گيٽ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي. رسڪ الائونس، سروس اسٽرڪچر، پروموشن نه ملڻ ۽ تازو ڀرتي ڪيل نرسز کي پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڍيڪل عملي سول اسپتال ٺٽو ايٽ مڪلي جي او پي ڊيز ۾ ٽوڪن هڙتال ڪري ڇڏي سول سرجن آفيس کان اسپتال جي مين گيٽ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي، احتجاجي ريلي ۽ مظاهري ۾ پيراميڍيڪل عملي، پيراميڍيڪل اسٽاف ايسوسئيشن، گرينڊ هيلٿ الائنس ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن توڙي اسٽاف نرسز جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهري بعد احتجاجي ڪئمپ تي نعريبازي ڪرونا جهڙي خطرناڪ عالمي وبا سان فرنٽ لائين تي جنگ وڙهندڙ اسان طبعي عملي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، فوري طور تي رسڪ الائونس جاري ڪري تازو ڀرتي ڪيل اسٽاف نرسز کي پگهارون ڏيئي کين مستقل ڪيو وڃي، ٻين ٽن صوبن جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي پر سنڌ جي طبعي عملي سان ناروا رويو رکندي کين هن جنگ ۾ به اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، ٻن ڪلاڪن تائين روزانو سول اسپتال ٺٽو ۾ ٽوڪن هڙتال جاري رهندي، فوري طور تي حڪومت ڊاڪٽرن ۽ پيراميڍيڪل عملي کي رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر جي بحالي سميت مطالبن کي تسليم ڪري فوري نوٽيفڪيشن جاري ۽ تازو ڪميشن پاس ڀرتي ٿيل اسٽاف نرسز کي رهيل پگهارون جاري ڪري کين مستقل ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو: احتجاجي مظاهري کي اڳواڻن جو خطاب.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button