ٺٽو: صحافي سامي ميمڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ملير جي سينيئر صحافي سامي ميمڻ تي رزاق آباد پوليس پاران ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مڪلي پريس ڪلب آڏو احتجاج. قلم ڌڻي، سول سوسائٽي سميت سماجي تنظيمن جا اڳواڻ سراپا احتجاج بڻجي ويا. احتجاج ۾ مڪلي پريس ڪلب جي صحافين سميت مختلف سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي شرڪت. ان موقعي تي مڪلي پريس ڪلب جي صدر اعجاز واريو، سينيئر صحافي محبوب بروھي، گل شاھ، ايوب ملاح، رمضان ميمڻ، حنيف جاکرو، ايم ايڇ ڪنڀار، راجا تنوير خاصخيلي، يوسف دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ۾ محمد امين فائونڊيشن جي اڳواڻن معراج ٺٽوي، غلام رسول ميمڻ، ممتاز ميمڻ، سول سوسائٽي جي وقار ميمڻ، شھريار ميمڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صحافين ۽ سماجي اڳواڻن چيو تہ سينيئر صحافي سامي ميمڻ تي سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو ان احتجاج جي موقعي تي موجود به نه هو. ھنن گھر ڪندي چيو تہ سينيئر صحافي سامي ميمڻ تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سميت ملير جي سينيئر صحافي سامي ميمڻ تي ڪوڙي ڪيس توڙي ور شهر جي صحافي مختيار چانڊيو کي ڪامورن پاران ملندڙ ڌمڪين واري معاملي جو نوٽيس وٺي سنڌ جي صحافين کي تحفظ ڏياريو وڃي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close