ٺٽو

ٺٽو: رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي شھر لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ سادگي سان ملهائي ويئي

ايم ايڇ ڪنڀار
سنڌ جي عظيم ڏاهي مُفڪر، سياستدان، قانوندان ۽ عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي شھر لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرامگاه تي عوامي تحريڪ پاران ڪرونا وائرس واري صورتحال سبب سادگي سان ملهائي ويئي، جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جي اين کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عُمره سمون، مريم گوپانگ، سنڌي مزدور تحريڪ جي نور محمد ٽالپر، سنڌي هاري تحريڪ جي ڊاڪٽر دلدار، سجاد چانڊيو، ڏاڏا قادر رانٽو، وسند ٿري، انور پالاري، گھنور خان زنئور، شاھ محمد چانگ، مٺاخان لاشاري جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي نارين پاران پليجي جي آخري آرامگاه تي حاضري ڀري، کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي ”فڪرِ پليجو زنده باد“ جا نعرا ھڻي کيس سلامي پيش ڪري چادر چاڙهي ويئي. جنھن ۾ انقلابي گيت پڻ پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي مقررين رسول بخش پليجو جي ڪيل جدوجھد ۽ سندس زندگي تي روشني وجھندي چيو تہ پليجو بين الااقوامي شخصيت جو حامل عظيم شخصيت جو مالڪ ھو، کيس خراج پيش ڪريون ٿا، پليجي ھميشہ ظلم بربريت ڏاڍ جبر خلاف للڪار بڻيل رھڻ سان گڏ آمريت کي بہ للڪاريو، جنھن سنڌ جي عوام، عورتن، شاگردن، مزدورن، ٻارڙن جي حقن جي ڳالھ ڪئي، ھنن چيو تہ فڪر پليجو ھڪ عالمي فڪر بڻجي چڪيو آھي. ورسي تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button