ٺٽو

ٺٽو: ذهني معذور نوجوان محسن صفي کتري تي تشدد،نامزد 5 جوابدارن مان رهيل مُک جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

ٺٽي شهر جي ذهني معذور نوجوان محسن صفي کتري کي کنڀي تشدد ڪرڻ ۽ سندس تذليل ڪري وڍيو جاري ڪرڻ وارو مامرو، پوليس ڇاپن باوجود ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن مان رهيل مُک جوابدار سڄڻ ميمڻ سميت 3 جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، ايس ٽي پي جي سڏ تي نوجوان تي تشدد ۽ تذليل خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو، نعريبازي ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر جلال شاه، ناٿو بروهي ۽ راجو قريشي جي اڳواڻي ۾ نڪتل احتجاجي ريلي ۾ سول سوسائٽي جا ڪارڪن اعجاز جاکرو، آزاد اصغر بروهي، سلمان جاکرو  ۽ عرفان ماڻڪاڻي جي اڳواڻي ۾ شامل ٿي ويا ٺٽي جي ڊي ايڇ او جي اوباش پٽ سميت 3 جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، متاثر نوجوان ۽ سندس خاندان سخت ذهني ڊپريشن جو شڪار آهي، معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪري اضافي سيڪشن پڻ لڳايا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button