ٺٽو

ٺٽو: جن کان زمين خريد ڪئي، اھي ئي قبضو ٿا ڪرڻ چاھين، ڳوٺاڻي جو ٻارڙن سميت احتجاج

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ور شھر لڳ ڳوٺ مولوي محمد اشرف چانڊيو جي زخمي رھواسي حاجي رمضان چانڊيو پنھنجي 5 ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندس سروي زمين تي اتان جا مقامي بااثر ماڻھون قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، جن 3 ڏينھن اڳ مٿس سندس زمين تي حملو ڪري کيس ڪھاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو، جيڪو ھن وقت سول اسپتال مڪلي ۾ علاج ھيٺ آھي. ھن چيو تہ ھن 30 سال اڳ ديھ راڄ واھ ۾ سروي زمين نمبر 61 ۽ 62 ايراضي 9 ايڪڙ 19 گھنٽا خريد ڪئي جيڪا آباد ڪندو پيو اچي، پر ھاني ساڳيا ماڻھون جن کان ھن زمين خريد ڪئي ھئي، اھي ٻيھر ساڳئي زمين تي قبضو ڪري کيس لڏائڻ ٿا چاھين، سندس زمين تي اچڻ تان کين منع ڪرڻ تي مٿس حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو آھي، ھن چيو تہ غلام اللہ ٿاڻي تي مٿس حملو ڪندڙ جوابدارن پنھون، محمد، احمد، سلطان، جبار، خالد، سومار، محمد چانديو خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي، پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪي کيس وڌيڪ نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، ھن الزام ھڻندي چيو تہ سندس غيرموجودگي ۾ مذڪورہ بااثر ماڻھن سندس گھر تي چڙھائي ڪري سندس نياڻين تي پڻ تشدد ڪري کين حراسان ڪيو آھي، ھن چيو تہ ھن کان اڳ ۾ پڻ مٿس ڪافي ڀيرا حملا ڪرڻ سميت ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا اھن، پر انھن خلاف ڪير بہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي سندس زمين تي قبضو ڪندڙن توڙي مٿس حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کيس جيئڻ جو حق ڏيڻ جي گھر ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button