ٺٽو

ٺٽو: بي رحم ڊاڪٽرياڻيون مسڪينن لاءِ ظالم بڻجي ويون، آپريشن کان انڪار، عذرا فضل پيچوهو نوٽيس ورتو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
سول اسپتال مڪلي ٺٽو جي مسيحائي شعبي جون ڊاڪٽرياڻيون بہ بي رحم بڻجي ويون، گذريل رات دير سان ڪيٽي بندر جي رھواسڻ ڳورھاڙي عورت حسنہ خاصخيلي کي ويم لاء سول اسپتال مڪلي جي گائني وارڊ ۾ آندو ويو، جتي مقرر ڊاڪٽرياڻين عورت جو ويم ڪرڻ بجاء کيس ليٽر ڏيئي ڪراچي روانو ڪيو، ويم لاء ايل عورت گائني وارڊ کان نڪري ڪنٽين وٽ پھچي، مئل ٻارڙن کي جنم ڏنو، جتي عورت جي وڌيڪ طبيعت خراب ھجڻ باوجود اسپتال جي بي رحم ڊاڪٽرياڻين سندس علاج ڪرڻ بدران ڪراچي روانو ڪيو، ويم ڪندڙ عورت جي وارثن وٽ ايمبولينس جي ڪرائي جا بہ پئسا نہ ھجڻ بعد اسپتال جي ماڻھن چندو ڪري مئل ٻارڙي کي جنم ڏيندڙ عورت کي ڪراچي موڪليو ويو. ان موقعي تي عورت جي وارثن دانھيندي چيو تہ سول اسپتال مڪلي جي ڊاڪٽرياڻين سندن عورت جو ويم ڪرائڻ بجاء ريفر ليٽر ڏيئي اسپتال مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، پوء چندو ڪري کيس ڪراچي کڻائي وياسين. ھنن چيو تہ اسپتال شفا بجاء ڪوس گھر ۾ تبديل ٿي ويئي آھي، جتي علاج جي ڪابہ سھوليت ميسر ناھي، ھنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف سول اسپتال مڪلي جي وارڊ ٻاھران ٻار کي جنم ڏيڻ واري واقعي جو صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو نوٽيس وٺندي صحت کاتي جي اعلي اختيارين کي ھدايت ڪئي آھي تہ ھن معاملي جي جانچ ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي، جيئن ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري سگھجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button