ٺٽو

ٺٽو: برساتن جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ھاءِ الرٽ جاري

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Rain high alertبرساتن جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميه مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ عملي کي الرٽ رهڻ جوحڪم، پاڻيءَ جي موٽرن ۽ صفائيءَ جي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت، ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورساڪرو
اسسٽنٽ ڪمشنر ساڪرو ايٽ گهارو محمد سليم ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ايندڙ مهيني برساتن جي امڪاني تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ تعلقي ميرپور ساڪرو جي ٻن ٽائون ڪميٽين ۽ سمورين يونين ڪائونسلن جي سرڪاري عملي کان انتظامن بابت تفصيلي معلومات ورتي، ٽائون آفيسرن ۽ يوسي سيڪريٽرين پاران پيش ڪيل رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهارڪندي کين 5 جولاءِ تائين هر يوسي 5-5 پاڻي جون موٽرون ۽ صفائيءَ جي نظام کي بهتر ڪري سموري عملي کي تيار رهڻ جون هدايتون ڏنيون، ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي گهارو ۽ ساڪروجي ٽائون آفيسرن کي پابند ڪيو ويو ته هڪ هفتي ۾ شهر جي گٽرن ۽ پاڻي نيڪال وارن رستن جي مڪمل صفائي ڪري عملي کي مڪمل تيار رهڻ جو پابند بنايو وڃي اجلاس ۾ مڪاني اداري جي سمورن آفيسرن کي تنبيھ ڪئي ويئي ته انتظامن ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button