ٺٽو

ٺٽو: اسڪالرشپ لاءِ مقامي شاگرد نظر انداز، شاگردن پاران احتجاج

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز، ٺٽو
ضلعي ڪائونسل ٺٽو پاران ضلعي جي گريجوئيٽ شاگردن لاء جاري ڪيل اسڪالر شپ فارمن ۾ مقامي شاگردن کي نظرانداز ڪري ٻين ضلعن جي شاگردن کي نوازڻ خلاف احتجاج ڪندي ٺٽي جي گريجوئيٽ شاگردن شريف پليجو ۽ ٻين مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو تہ ھرسال ضلعي ڪائونسل ٺٽو طرفان ضلعي ٺٽي جي ڪوٽا تحت ضلعي ٺٽي جي گريجوئيٽ شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي آھي، پر ھن سال ضلعي ٺٽي جي شاگردن کي نطرانداز ڪري ڳجھ، ڳوھ ۾ ڪراچي جي رھواسي شاگردن جا اسڪالر شپ جا فارم ڀري ضلعي ٺٽي جي شاگردن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن. ھنن چيو تہ اسان فارم ڀري آفيس وڃون ٿا تہ فارم جمع ڪرڻ بجاء اھو چئي واپس ڪري ٿا ڇڏين تہ فارم ڀرڻ جي تاريخ ختم ٿي ويئي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ ضلعي ٺٽي جي شاگردن جي حقن تي ڌاڙا ھڻندڙ ٻين ضلعن جي شاگردن جا فارم رد ڪري ضلعي ٺٽي جي حقيقي شاگردن جي اسڪالرشپ جا فارم ڀري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، بئي طرف رابطو ڪرڻ تي ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين غلام قادر پليجو چيو تہ اسان سمورا فارم ضلعي ٺٽي جي ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي ڏنا آھن، فارم ڀرجڻ جي آخري تاريخ 31 مئي ھئي، جيڪا گذري ويئي اھي، اسانجي ڪوشش آھي تہ جيڪي شاگرد رھجي ويا اھن تہ اسان انھن لاء گنجائش ڪڍي انھن کان فارم ڀرائي جمع ڪرائي کين اسڪالر شپ ڏيارينداسين، باقي ضلعي ٺٽي کانسواء ٻين ضلعن جي ڊوميسائل رکندڙن جا نہ فارم ڀريا اھن ۽ نہ ئي انھن کي اسڪالرشپ ڏينداسين. ٻئي طرف وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو تہ گذريل سال ضلعي ڪائونسل ٺٽو پاران مقرر ڪيل ڪميٽي ۾ اسانکي کنيو ويو ھو، باقي ھن سال جي ڪميٽي ۾ اسانکي شامل ڪيو آھي يا نہ ان جي خبر ناھي، پر اسان ضلعي ٺٽي جي ڊوميسائل رکندڙ شاگردن سان گڏ آھيون، اسڪالر شپ تي بہ ضلعي ٺٽي جي گريجوئيٽ شاگردن جو حق آھي، انھن سان ڪابہ ناانصافي ٿيڻ نہ ڏينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button