ٺٽو

ٺٽو: آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرواليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران مظاھرو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرواليڪٽرڪ ورڪرز يونين (سي بي اي) آپريشن ڊويزن ٺٽو پاران جائز مطالبن پگھارن ۽ پينشن ۾ اضافو ڪري حيسڪو ملازمن جي کي رھيل عيد بونس، ڪرونا رسڪ الائونس، ادارن جي نجڪاري سميت ڊيلي ويجز ملازمن کي پڪو ڪري، ڪم دوران پيش ايندڙ حادثن جي روڪٿام ۽ ذميوارن کي سزائون ڏياري ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو رويو ختم ڪرڻ لاء ملازمن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي نٽھڻ آس ۾ حيسڪو آفيس مڪلي کان مين روڊ تائين ھڪ احتجاجي مظاھرو ڊويزنل چيئرمين ٺٽو وحيد علي بلوچ، سب ڊويزنل چيئرمين ٺٽو منور علي تارو. جنرل سيڪريٽري سب دويزن ٺٽو قيوم خاصخيلي، عبادت حسين صديقي، شفيع محمد سومرو. گلاب لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعري بازي ڪندي چيو تہ جائز مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪندا پيا اچون، جيڪي مسئلا اداري جي آڏو رکڻ باوجود سالن کان اڃان تائين حل ٿي ناھن سگھيا.ھنن گھر ڪئي تہ حيسڪو جي سمورن ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري سندن پگھارن ۽ پينشن ۾ واڌارو ڪري ڊيليويجزن تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪري کين رھيل عيد بونس، ڪرونا رسڪ الائونس ڏيئي ڊيوٽي دوران پيش ايندڙ حادثن کي روڪڻ لاء تڪڙا قدم کڻي ذميوارن کي سزائون ڏيارڻ سميت ملازمن کي ضرورت وارو مٽيريل فراھم ڪري سندن سمورا مسئلا بنا دير جي حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button