ٺٽو

ٺٽو:گٽڪي، مين پڙي ۽ گولي مار ماوا تي ڪنٽرول ٿي نه سگھيو

ٺٽي ضلعي جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ٺٽو، مڪلي، گھارو، ٻاٻرا، ميرپور ساڪرو، ٻھارا، ڌاٻيجي، گھوڙاٻاري ٽنڊو حافظ شاھ، ڇتوچنڊ، گھارو فلٽر پلانٽ ڳوٺ اسماعيل جوکيو، ڳوٺ حاجي دادو جوکيو، فقير ڳوٺ سميت پوري ضلعي ۾ ڪينسر جي علامت بڻيل گٽڪي، مين پڙي ۽ گولي مار ماوا تي ڪنٽرول ٿي نہ سگھيو، گٽڪو وبائي بيماري ڪينسر جي صورت اختيار ڪري ويو، وڏي تعداد ۾ مرد، عورتون توڙي ٻارڙا ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف، موذي مرض کي روڪڻ جو مطالبو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب زھريلي گٽڪي، مين پڙي سميت زھريلي مائي ۽ ٻين منع ٿيل زھريلي شين جي واپرائڻ سبب وات جي ڪينسر جي مريضن جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي رھيو آھي، گٽڪي توڙي مائي ۽ انساني صحت لاء ھاڃيڪار زھريلي شين جي روڪٿام لاء سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ سان گڏ سيڪشن 337. J ايڪٽ 2019 لاڳو ڪيو ويو آھي ان جي باوجود ٺٽي ضلعي ۾ زھريلي مائي ۽ گٽڪي جي استعمال کي انتظاميہ توڙي پوليس مڪمل روڪي ناھي سگھي ان سلسلي سياسي سماجي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ زھريلي شين جي خلاف عوامي سطح تي جاڳرتا مھم ھلائڻ گھرجي، جيئن مرد، عورتون توڙي ٻارڙا ھن موذي وبا مان بچي سگھن، جيڪا ڪرونا وائرس کان بہ خطرناڪ آھي، گٽڪي سبب ڦھلجندڙ ڪينسر جا ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڪيس ضلعي ٺٽي جا رجسٽرڊ ٿيا آھن، گٽڪو، مين پڙي، مائي سميت نشي آور شيون اسانجا نسل ختم ڪري ڇڏينديون جنھن لاء سنڌ حڪومت سميت وس وارن اختيارين کي ان جي روڪٿام لاء ڪوششون ڪري اسانجي تباھ ٿيندڙ نسلن کي بچائي اسانجي نسلن کي تباھي طرف ڌڪيندڙ گٽڪا فروشن توڙي سمورن منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون ڪري اسانجي نئي نسل کي ڪينسر جھڙي موذي مرض مان ھميشہ لاء نجات ڏياري صحتمند معاشرو قائم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button