ھنڱورجا

هنڱورجا: ناليواري شاعر ۽ صحافي اختر درٻيلائي جي وڇوڙي تي پريس ڪلب ۾ تعزيتي گڏجاڻي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
صحافي اتحاد خيرپور پاران سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ صحافي اختر درٻيلائي جي اوچتو وڇوڙي تي پريس ڪلب ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صحافي اختر درٻيلائي جي مغفرت لاءِ خصوصي دعا گھُري وئي .گڏجاڻي ۾ شريڪ صحافين صحافي اتحاد خيرپور صدر غلام حسين چانگ،فياض سولنگي، منظور حسين جهانگر، شمن راڄپر، هادي بخش خاصخيلي، آفتاب ڀنڀرو،فاروق ڀنڀرو،عبدالجبار چانگ،حاڪم سهتو، محمد صديق سولنگي، مبشر جهانگر، سجاد آرائين ،فياض شيخ ۽ ٻين چيو ته اختر درٻيلائي ڀلوڙ شاعر سان گڏ بهترين صحافي هيو ان جي وڇوڙي سان صحافت جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button