ھنڱورجا

هنڱورجا: ستن سالن جي ٻارڙي جي زندگي جو ڏيئو اجھامي ويو

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Asia Jatoiرسول آباد ۾ شادي جي تقريب ۾ ويل هنڱورجا واسي نينگري گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت،لاش هنڱورجا گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو . تفصيل موجب رسول آباد ۾ مائٽن جي شادي جي تقريب ۾ ويل 7 سالا نينگري آسيه ڌيءُ نعيم جتوئي راند ڪرڻ دوران شهر جي جتوئي پاڙي واري گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي وئي فوتي نينگري جو لاش هنڱورجا ناصر شاھ ڪالوني ۾ سندس گھر پهتو ته قهرام مچي ويو .چيو وڃي ٿو ته نينگري پنهنجي امڙ ۽ پنهنجي ٻين گھر ڀاتين سان گڏ رسول آباد ۾ پنهنجي مائٽن جي شادي واري تقريب ۾ ويل هئي جتي ٻين ٻارڙن سان گڏ راند ڪرڻ دوران شهر جي گندي پاڻي واري کڏ ۾ پير ترڪڻ سبب کڏ ۾ ڪري فوت ٿي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button