ھنڱورجا

هنڱورجا: سباس طاهره ۽ ڪامران لاڙڪ کي مارڻ جي ڪوشش ڪندڙ مک جوابدار جيل ۾ فوت

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
Ahsan Shah Jafri4 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙي سباس طاهره ۽ ڪامران لاڙڪ کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڪامران لاڙڪ جي فوت ٿيڻ واري قتل ڪيس جو مُک جوابدار احسن شاھ جعفري خيرپور جيل ۾ فوت، ڪراچي ۾ سندس جي تدفين ڪئي وئي. تفصيل موجب 4 سال اڳ 14 آگسٽ 2016 تي پريمي جوڙي سباس طاهره ۽ ڪامران لاڙڪ کي زبردستي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڪامران جي اسپتال ۾ فوت ٿي وڃڻ واري قتل ڪيس ۾ گھُربل مُک جوابدار سباس طاهره جو والد سيد احسن شاھ جعفري گذريل ڏينهن خيرپور سينٽر جيل ۾ ڪجھ ڏينهن بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. فوتي قيدي جو لاش سندس پُٽ اقبال شاھ وصول ڪري ڪراچي ۾ وادي حسن قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button