مختصر خبرون

ميرپوربٺورو : گنج بحر ڪئنال پاڻي ۾ لاٿ، سارين جو ٻيجارو ۽ تازو رونبو سڪڻ لڳو

وقار ميمڻ، ميرپوربٺورو
ميرپوربٺورو تعلقي ۾ لکين ايڪڙ زمين آباد ڪندڙ گنج بحر ڪئنال ۽ ان مان وھندڙ شاخن ۾ ٻن ڏينهن کان پاڻي ۾ لاٿ اچي ويئي، ھزارين ايڪڙن تي پوکيل سارين جو ٻيجارو ۽ تازو رونبو ڪيل سارين جو فصل سڪڻ لڳو، آبادگارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا. آبپاشي کاتي جو انجنيئر امجد ميمڻ ٻڌايو ته گنج بحر ڪئنال ۾ ٻن ڏينهن جي اندر پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button