ميرپوربٺورو

ميرپوربٺورو: شهر ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون جو حڪم

وقار سنڌي، ميرپوربٺورو
ميرپوربٺورو شهر ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون جو حڪم ، شهر جي دڪانن تي نوٽيس ورهايا ويا ، شهرين پاران نوٽيس ورتا ويا ، خبر موجب تعلقي ميرپوربٺورو جي مڙني شهرن ميرپوربٺورو دڙو جهوڪ شريف ، ٻنون ، لائقپور ۽ جاتي چوڪ تي مختيارڪار ميرپوربٺورو ذوالفقار ڪانڌڙو پاران جناب ڊپٽي ڪمشنر سجاول جن جي حڪم تحت نوٽيس موڪليا ويا ته سمورن شهرن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي دڪان ۽ ٻيو ڪاروبار بند ڪيو ويندو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويندو ، لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي . سمورن شهرن جي دڪاندارن پاران نوٽيس ورتا ويا ۽ ڀليڪار چئي وئي ، ان سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي دڪاندارن کان ورتل راين ۾ خبر پئي ته شهرين پاران فيصلي کي عجيب ڪوٺيو ويو ته اگر دڪان بند ٿي ويندا ته اسين کائينداسين ڪٿان ؟ ڇوته لاڪ ڊائون جي ڪري ڪافي مهينن کان شهرن ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال هئڻ جي ڪري غريبن جي گهرن ۾ فاقه ڪشي جو عالم بڻجي ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button