لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: لاڪ ڊائون جي خلاف وزري ڪندڙ دڪان سيل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو

Shops are sealed in Lakistanلاڙڪاڻي ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف وزري ڪرڻ تي دڪاندارن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو پوليس سان گڏجي ريشم گلي، شاهي بازار ۽ صديقي بازار ۾ ڪارروائي ڪئي جتي لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي جنرل اسٽور، ڪپڙي ۽ ٿانون جي چئن دڪانن کي سيل ڪيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته دڪان کليل هجڻ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪري چار دڪان سيل ڪيا آهن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه طرفان ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي لاءِ 29 جون تائين سخت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي پر ڪجهه دڪاندارن ان لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن تنهن ڪري اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button