لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: ڪروڙن جون سرڪاري دوائون چوري ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو

Medicine theft accusedلاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ۽ دڙي ٿاڻي جي پوليس هفتو اڳ خانگي گودامن تي ڇاپا هڻي ٻن ڪروڙ روپين جون سرڪاري دوائون هٿ ڪري ٻنهي ٿاڻن تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا جڏهن ته شهر جي سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ نامزد ٽن جوابدارن بقا الرحمٰن چانڊيو، سهيل شيخ ۽ صدام چانڊيو کي پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٽنهي جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي پاسي پوليس ٽنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان بعد سول لائين ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button