آرٽيڪل

لاوارثيءَ جي لُڙَ ۾ لُڙهندڙ بينظير جو لاش

زهير حسين حيدري

تاريخ ۾ ڪيترين ئي اهم شخصيتن جا موت پرُاسراريت جي ڪُن ۾ غرق ٿي ويا، سندن قاتلن کي ڳولڻ وارو سُٽ سُلجهي نه سگهيو ۽ تاريخ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سوال بنجي، هر پيڙهي کان جواب گهرندا رهيا پر کين جواب نه مليو. انهن ۾ آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن کي 14 اپريل 1865ع تي قتل ڪيو ويو. پاڪستان جي پهرئين گورنر جنرل محمد علي جناح ۽ سندس ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جا موت به معمه بڻيل آهن. مهاتما گانديءِ کي 1948ع ۾ گولين سان ماريو ويو. پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان کي راولپنڊي جي جلسي ۾ گولي هنئي وئي. حسين شهيد سهروردي کي پيرس جي هوٽل ۾ قتل ڪيو ويو. روبرٽ ڪينيڊي کي 5 جون 1968ع تي لاس اينجلس ڪيليفورنيا ۾ آمريڪي ايمبيسيڊر هوٽل جي رڌڻي ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. هٽلر جي موت جو به اڃان تائين سبب سمجھ ۾ ڪونه آيو آهي مصرجي انور سادات کي پريڊ دوران گوليون هنيون ويون. لبناني وزيراعظم رفيق حراري کي 14 فيبروري 2005ع تي قتل ڪيو ويو. علامه عارف حسين الحسيني کي پارا چنار جي پيواڙ ۾ ۽ علامه حسن ترابي کي ڪراچي ۾ نامعلوم ماڻهن گولين جو بَک بنايو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي پٽ شاهنواز ڀُٽي کي لنڊن ۾ ۽ مير مرتضى ڀُٽي کي ڀيڻ بينظير جي حڪومت ۾ پنهنجي گهر جي دروازي تي، گوليون هڻي بيدردي سان ساٿين سميت ماريو ويو. اڄ تائين عدالتن کي به پتو نه پئجي سگهيو ته ظاهر ظهور گوليون هڻڻ وارا قاتل ڪير هئا.۽ ان وقت جي وڏي وزير عبدالله شاه اهو اعلان ڪيو هو ته جيڪو مرتضا ڀٽي کي گولي هڻڻ واري جي نشاندهي ڪندو ان کي 10 لک رپيا انعام ڏنو ويندو. مون ان وقت هڪ مضمون لکيو هو جيڪو اخبارن ۾ به ڇپيو هو ۽ منهنجي ڇپيل ڪتاب “ مترڪن منهن ڪڍيا” ۾ به آهي ته مير مرتضا ۽ سندس ساٿين کي ڪراچي جي 9 ٿاڻن جي پوليس شعيب سڊل جي سربراهيءَ ۾، گهيرو ڪري گولين سان ماريو ان جي ڪير اها نشاندهي ڪندو ته فلاڻي سپاهيءَ جي فلاڻي گولي مير مرتضا کي لڳي. فاضل راهو کي هڪ عام ماڻهو هٿان قتل ڪرايو ويو پر ان جي پويان جن جا هٿ هئا اُهي لڪي ويا. اُن کا سواءِ حيات شيرپائو، اڳوڻي سنڌ جي گورنر حڪيم محمد سعيد، تڪبير رسالي جي ايڊيٽر صلاح الدين جا قتل به گمناميءَ جي درياءَ ۾ غرق ٿي ۽ تاريخ جي ڌَزَ ۾ دفن ٿي ويا. سنڌ جي ارڏي سياستدان بشير قريشيءَ کي به پُراسرار نموني مارايو ويو. ايم ڪيو ايم جي عمران فاروق کي لنڊن ۾ ماريو ويو، لنڊن جي پوليس به ان جي قاتلن جو پيرو نه ڏنو. ڪراچي جي روڊن تي،ڪيترن بيگناھ ماڻهن کي دهشتگرد گروهن، خون ۾غلطان ڪري، تڙپي تڙپي، ساھ ڏيئڻ تي مجبور ڪيو.. انهن سڀني مقتولين جا روح اڄ به فقط اهو ئي سوال ڪري رهيا آهن ته اسان کي ٻڌايو ته اسان جو قاتل ڪير آهي. اسان جي قتل جو پلاند ٿيندو يا نه؟ اسان سان انصاف ٿيندو يا نه؟ انهيءَ فهرست ۾ هڪ وڏو نالوذوالفقار علي ڀُٽي جي پنڪي جو به آهي جيڪا ٻه ڀيرا 1988-90) ۽ (1993-96 ملڪ جي سياسي افق تي چمڪندڙ ستاري جيان روشن ۽ دلين تي راڄ ڪندڙ وزيراعظم رهي چڪي آهي. محترمه بينظير ڀُٽوجو روح اڄ به پنهنجي هر دل گهريي کان اها ئي تقاضا ڪري رهيو آهي ته ڇا توهان منهنجو قاتل ڳوليو؟ ؟ سندس ئي رت ۾ ڀريل لاش کي اقتدارجو ڏاڪو بڻائي،مسندن تائين پهچڻ وارا، دولت جي ڍير تي ائين اونڌا ٿي ڪريا جو پنهنجِي قائد جا قاتل ڳولڻ يا ته کانئن وسري ويا يا ڄاڻي واڻي اکيون ڦيرائي ڇڏيائون.
8 سالن جي جلا وطني کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن هوءَ دبئي کان ڪراچي جي ايئرپورٽ تي پهچي،هزارين ڪارڪنن جي جلوس ۾ ڪارساز وٽ پهتي ته سندس ڪافلي تي حملو ٿيو. 180 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 450 زخمي ٿيا. سندس سڪيورٽي جي ذميواري آصف زرداري جي اُن وقت جي دوست ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جي حوالي هئي. اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر مرزا پنهنجي جان جي بازي لڳائي، محترمه کي هر خطري کان بچائي محفوظ نموني گهر پهچايو. پر جڏهن 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾، بينظير صاحبه جي جلسيءَ جي نگراني رحمان ملڪ کي ڏني وئي هئي، سندس اها به ذميواري هئي ته هُن جي ڪار کي بيڪ اَپ طور بينظير جي ڪار پويان هلڻو هو، ته جيئن ڪنهن ايمرجنسي ۾ محترمه کي اُن گاڏي ۾ منتقل ڪري سگهجي. رحمان ملڪ جي گاڏي ۾ ساڻس بابر اعواڻ، توقير ضياءَ ۽ فرحت الله بابر به هئا. جيئن ئي محترمه تي حملو ٿيو ته اُها بيڪ اَپ ڪار سندس مدد ڪرڻ بدران وچان ئي نڪري وئي. محترمه هي دنيا ڇڏي وئي پر رحمان ملڪ اسلام آباد پهچي ٽي وي تي بيان ڏئي رهيو هو ته “محترمه صحيح سلامت آهي ۽ ڪافلو راولپنڊي مان روانو ٿي چڪو آهي”. اقوام متحده جي جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۾ به هي لفظ لکيل آهن ته “سڀ کان پهرين جنهن گاڏي لياقت باغ کي ڇڏيو اُها رحمان ملڪ جي هئي” جڏهن ته رپورٽ ۾ رحمان ملڪ جو هي بيان هو ته “اسان بينظير جي گاڏي جي ايترو ويجهو هئاسين جو بم ڌماڪي جو آواز ۽ لوڏابه محسوس ڪياسين ” رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جي بيانن ۾ به وڏو تضاد نظر آيو. ان موقعي تي دبئي مان آصف زرداري بينظير جي زخمي هئڻ جو ٻڌائي دعا جي اپيل ڪري رهيو هو. اهي متضاد بيان ئي محترمه جي لاش لوڙهڻ جي پهرين ڪڙي هئا.
هن ڪيس کي جنهن نموني لوڙهيو ويو اهو به تاريخي رڪارڊ آهي. بينظير صاحبه وفات کان اڳ خدشو ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن مون کي قتل ڪرايو ويو ته اُن ۾ جنرل پرويز مشرف، پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز الاهي، سنڌ جو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) حميد گل ۽ اعجاز شاھ شامل هوندا. پر ان ڪيس ۾ جن کي گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو اُهي پنج ڄڻا رفاقت، حسنين گل، شير زمان، اعتزاز شاھ ۽ رشيد احمد هئا. جن کي 9 سال جيل ۾ رهڻ ۽ شاهدين ۾ ڪيس نه بيهڻ جي بنياد تي دهشتگردي جي انت آڻڻ واري عدالت جي جج محمد اصغر 31 آگسٽ 2017ع تي بري ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ بينظير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناهيد خان چيو هو ته اهي ملزم ته فرنٽ مين آهن اصل قاتل ڪو ٻيو آهي. اُن ڪيس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بينظير جي خوني وارثن پاران مالڪي نه ڪرڻ به هڪڙو سوال بڻيل آهي. بينظير صاحبه جي قتل کانپوءِ هڪدم چونڊن ۾ پ پ پ مرڪز ۾ به حڪومت ٺاهي ورتي. بينظير جو ور آصف زرداري صدر ٿي ويو ۽ بينظير قتل ڪيس جي جاچ پنجاب پوليس کان وٺي ايف آءِ اي جي حوالي ڪئي وئي. ايف اٰءِ اي جي ٽيم ان واقعي ۾ پرويز مشرف، پرويز الاهي، جنرل حميد گل، ارباب غلام رحيم ۽ اعجاز شاھ کي شاملِ تفتيش ته ڪيو پر پرويز مشرف کان سواءِ ٻين کي رڳو سوال نامه موڪلي ان جا تحريري جواب وٺي کانئن وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪئي. جڏهن ته پ پ پ ۽ بينظير جي رت شريڪ وارثن پاران قتل جي جاچ جو رخ صرف تحريڪ طالبان جي سربراھ بيت الله محسود تي رکي ڪيس جي ٻين پاسن کان اک چورائي وئي. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته بينظير جي قتل کي صرف اقتدار جي حاصل ڪرڻ جو وسيلو ئي بڻايو ويو هو. آصف زرداري پنهنجي پنجن سالن جي حڪومتي دور جي بينظير جي قتل جي جاچ ئي نه ڪرائي. بينظير جي سيڪريٽري ناهيد خان جيڪا بينظير تي حملي وقت بينظير جي گاڏي ۾ موجود هئي ان سلسلي ۾ چيو ته “آصف زرداري صدر هو، سبب ايجنسيون ان جي ماتحت ڪم ڪري رهيو هيون تنهن هوندي به اُن تحقيقات نه ڪرائي”
راولپنڊي جي انت واري عدالت ۾ سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿيو جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، 7 جج تبديل ٿيا، 121 شاهدن مان 68 جا بيان رڪارڊ ٿيا، ان سڄي ڪاروائي دوران آصف زرداري، بلاول ۽ سندس خاندان جو ڪو به فرد هڪ ڏينهن به عدالت جي ٻڌڻي ۾ شريڪ نه ٿيو.ايستائين جو ڪيس جي فتوا واري ڏينهن به ڪو ڪونه ويو. فيصلو 31 آگسٽ 2017ع تي آيو جنهن ۾ ڪيس جي صحيح پوئيواري نه هئڻ جي بنياد تي ئي پنج ملزم بري ٿي ويا. جڏهن ته راولپنڊي پوليس جي سربراھ ڊي آءِ جي مسعود عزيز ۽ ايس پي راول ٽائون شهزاد کي غفلت جي بنياد تي 17،17 سال قيد جي سزا ڏني وئي. اُن موقعي تي اهو به سوال آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ اعتزاز احسن، سردار لطيف کوسو ۽ بابر اعواڻ جهڙا وڪيل هئڻ جي باوجود هن انتهائي اهم ڪيس ۾ هڪ غير معروف وڪيل چوڌري اظهر کي ڇو وڪيل ڪيو ويو. ملڪي عدالتن کان هٽي ڪري ان ڪيس جي جاچ لاءِ اسڪاٽلينڊ ۽ اقوام متحده جي ٽيمن کي ڪروڙين رپيا سرڪاري خزاني مان ڏنا ويا پر ڪو به نتيجو نه نڪتو اهو به ذهنن ۾ ڊوڙندڙ هڪ وڏو سوال آهي.
سوال ته بينظير صاحبه جي قتل جي جاچ ڪندڙ، يو اين ڪميشن رپورٽ ۾ به آهن ته واقعي کان اڳ ڳجهن ادارن غفلت ڪئي واقعي کان پوءِ انهن ادارن جاچ ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان رپورٽ ۾ اهو به آهي ته بينظير قتل جي هڪ ڪلاڪ چاليھ منٽن کانپوءِ جاءِ واردات کي ڌوئي اهڙو مثال قائم ڪيو ويو جيڪو دنيا ۾ مشڪل سان ملي ٿو. يو اين رپورث جي صفحه نمبر 33 تي لکيل آهي ته بينظير کي اسپتال وٺي وڃڻ بعد هڪ ڳجهي اداري جي آفيسر ڊاڪٽرن سان رابطا ڪيا ۽ سينيئر ڊاڪٽر پروفيسر مصدق خان جي سينيئر انٽيلجنس جي آفيسر سان ڳالھ ٻولھ ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته بينظير تي حملي کانپوءِ کيس بلٽ پروف مرسڊيز بدران هڪ خراب گاڏي ۾ اسپتال نيو ويو.
سوال ته انيڪ آهن پر انهن سوالن ۾ هڪڙو سوال اهو به آهي ته جنهن پرويز مشرف کي بينظير صاحبه امڪاني قاتل هئڻ جو خدشو ڏيکاري نامزد ڪيو هو، ان کي پ پ پ جي حڪومت ۾ پوري پروٽوڪول سان ملڪ کان فرار ٿيڻ ڇو ڏنو ويو؟
سوال ته اهو به آهي ته بينظير صاحبه جي پهرين ورسي ۾ ماڻهن جي هجوم، سراپا احتجاج بڻجي نعرا هنيا هئا ته بينظير جا قاتل ظاهر ڪريو ان وقت آصف زرداري جواب ڏنو هو ته “مونکي قاتلن جي نالن جي به خبر آهي پر نالا وٺندس ته پاڪستان ٽٽي ويندو. وقت اچڻ تي ٻڌائيندس”. ٻين لفظن ۾
ہمیں خبر ہے لٹیروں کے سب ٹھکانوں کی
شریکِ جرم نہ ہوتے تو مخبری کرتے۔
اڄ تائين ذهنن ۾ اهو سوال کٽڪي ٿو ته خالد شهنشاھ کي بينظير جو سڪيورٽي انچارج آصف زرداري بنايو اُن کي پراسرار نموني مارايو ويو. وري جنهن خالد شهنشاھ کي ماريو اُن کي ماريو ويو، اها ڳجهارت اڃان تائين ڀڄي نه سگهي آهي.
سوال ڪرڻ وارا ته اهي به سوال ڪري رهيا آهن ته بينظير صاحبه جي گاڏي بم پروف هئي ان کي باقاعده ٽيڪنلي خفيه انداز ۾ سن پروف ڪنهن ڪرايو؟
سوال ته اهي به ٿي رهيا آهن ته بينظير صاحبه کي راولپنڊي واري جلسي کان پوءِ گاڏيءَ ۾ مسلسل فونون ڪنهن ٿي ڪيون؟
سوال هي به آهي ته قتل واري جاءِ ڌوئڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو؟ ان حوالي سان پ پ پ جي اڳواڻ ۽ نالي واري وڪيل اعتزاز احسن ائين به چيو ته قتل واري جاءِ ان ڪري ڌوتي وئي ته جيئن بينظير صاحبه جي موبائيل سم ظائع ڪري سگهجي. ان حوالي سان سوال هي به آهي ته بينظير صاحبه جنهن سان آخري ڀيرو ڳالهايو، سندس قتل کان پوءِ موبائيل سم گم ڪيئن ٿي؟ سوال ته هي به آهي ته محترمه جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کا روڪڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو ۽ ڇو ڏنو؟ ان جي پويان ڪهڙا راز لڪيل آهن؟ سوال ته اهو به آهي ته ڪيس جي پوئيواري ڇو نه ڪئي وئي؟ ايترن وارثن ۽ مداحن هوندي بينظير کي ننڌڻڪو ڇو ڪيو ويو؟ ۽ اڄ تائين اهو ڪيس وائڙپ جي نظر ڇو ٿيل آهي؟
سرڪاري سڪيورٽي کان سواءِ پ پ پ جي ذاتي سڪيورٽي ايڏي غفلت ڇو ڪئي؟ جڏهن ته آصف زرداري چيو هو ته محترمه جي راولپنڊي واري جلسي جي سڪيورٽي ۾ منهنجا جيل جا ساٿي به هئا، انهن جيل جي ساٿين بينظير صاحبه جي ڪهڙي حفاظت ڪئي؟ انهن بينظير جي جان ته ڪونه بچائي پر پاڻ گهڻن جيل جي جان نثارن محترمه تان جانيون نثار ڪيون؟ انهن جو نالو اڄ تائين ڇوڪنهن پني تي نظر نه آيو آهي؟ .
ڪراچي جي ڪارساز حملي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سڀ جوکا سر تي کڻي بينظير کي بچائي محفوظ انداز ۾ گهر پهچائي سگهي ٿو ته رحمان ملڪ، بابر اعواڻ توقير ضياء ۽ فرحت الله بابر کين مشڪل وقت ۾ ڇڏي ڇو ڀڄي ويا؟
بينظير قتل ڪيس اڄ به اڃيو آهي. سوال اڄ به ساڳيو آهي ته بينظير جو قاتل ڪير؟ ڪورٽن ۾ قاتل ڳولڻ لاءِ هميشه ڏٺو ويندو آهي ته مقتول جي قتل مان وڌ ۾ وڌ فائدو ڪنهن کي ملي سگهي ٿو؟ پر ڪنهن به بنيادي نڪتي کي سامهون رکي ان ڳنڍ کي کولڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي، نه رت ۽ ملڪيت جي شريڪ وارثن، نه ئي سياسي جيالن. بس هوجمالو جي گوڙ ۾، اقتدار جي ايوانن ۾ ڌماڪي دار تقريرن ۽ دولت جي چمڪ ۾ بينظير جو قتل لاوارثيءَ جي لُڙَ ۾ لُڙهي ويو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close