مختصر خبرون

صحافي جميل مهر تي ٿيل فائرنگ جي واقعي جو ڊي آءِ جي پاران نوٽس

انڊس نيوز، لاڙڪاڻو
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ضلعي شڪارپور جي علائقي چڪ ۾ صحافي جميل مهر تي ٿيل فائرنگ واري واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي واقعي جي شفاف جاچ لاءِ اي ايس پي سٽي شڪارپور ڪامران زرغون جي اڳواڻيءَ ۾ ٽه رڪني جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي جاچ جي روشني ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو گڏوگڏ رينج جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پيز صحافين کي پيش ايندڙ سنگين مسئلن جي فوري حل سان اهڙن واقعن کان بچائي سگهجي ٿو ان لاءِ ايس ايس پي ان حوالي سان صحافين جي شڪايتن تي پيش ايندڙ مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ وارن اپائن کي يقيني بڻائن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button