ھنڱورجا

روهڙي ڪئنال جا ڏيپارجا کان محرابپور تائين ڪپر انتهائي ڪمزور، گهاري پوڻ جا امڪان

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
ايشيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام روهڙي ڪئنال جا ڏيپارجا کان محرابپور تائين ڪپر انتهائي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري ڪنهن به وقت وڏي گهاري پوڻ جا امڪان آهن گھاري پوڻ جي صورت ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو ۽ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻُڏي وڃڻ جو خطرو آهي .روهڙي ڪئنال جا ڪپر مضبوط نه هجڻ جي ڪري علائقي واسين جون ننڊون ڦٽل،آبپاشي کاتي جا ڪامورا اگھور ننڊ ۾ سُتل آهن.هن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڏيپارجا ڀرسان روهڙي ڪئنال جي پُل وٽ تيز پاڻي جي وهڪري سبب آرڊي اين آءِ پي 235 وٽ پاڻي کاڌ ڪري ڪپرن کي پائي رهيو آهي جنهن ڪري ڪئنال جو برم مڪمل طور تي پاڻي کائي چڪو آهي جڏهن ته ٽاپ جون ڀيڙيون پڻ ڪري رهيون آهن جنهن ڪري ڪپر اڃا وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيا آهن.علائقي واسين موجب ڪجھ سال اڳ 251 آرڊي وٽ پڻ گھارو پيو هيو جنهن ۾ پڻ وڏي تباهي ٿي هئي هن سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ وڏيرو علي ڏنو نوحپوٽو، دلشاد نوحپوٽو،نياز علي نوحپوٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي ڪمزور هجڻ بابت اطلاع ڪيو آهي پر ان جي باوجود به ڪامورن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چُري. آبادگارن چيو ته روهڙي ڪئنال جا ڪپر انتهائي ڪمزور آهن ۽ ان جي گيارنٽي به پڻ پوري ٿي چڪي آهي هنن وزير اعليٰ سنڌ ،سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏيپارجه کان محرابپور تائين روهڙي ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن جي پٿرن سان اسٽون پچننگ ڪرائي ڪپرن کي مضبوط بڻائي علائقي واسين ۾ پيدا ٿيل بي چيني کي دور ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button