رتوديرو

رتوديرو: لوڙهي کي لڳل باھ ۾ پنج گهر سڙي ويا، گهريلو سامان روڪ رقم ۽ اناج سڙي رک

سنڌي شڪيل دايو
انڊس نيوز، رتوديرو
رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ لوڙهي کي لڳل باھ ۾ پنج گهر سڙي ويا، گهرن ۾ پيل گهريلو سامان روڪ رقم ۽ اناج سڙي رک ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ گاڏي پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو، ٿاڻو ڀرسان هئڻ باوجود پوليس نه پهتي، عورتن پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي جهيڙو ٽاريو، زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسان جي گهرن کي هٿن سان باھ ڏئي ساڙيو ويو آھي جنهن سبب گهرن ۾ گهريلو سامان روڪ رقم ۽ اناج سڙي ويو اسان سان انصاف ۽ ازالو ڪيو وڃي، متاثر صاحب خان جوڻيجو رتوديرو ڀرسان وارث ڏنو ماڇي پوليس اسٽيشن ٿاڻي ڀرسان پاوڙو جوڻيجو ۾ لوڙهي کي اچانڪ لڳل باھ لڳي وئي ڏسندي ڏسندي باھ پنجن گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو گهرن ۾ پيل اناج روڪ رقم گهريلو سامان ٻن نياڻين جي ڏاج سميت هنڌ کٽون سڙي رک ٿي ويا، فائر برگيڊ گاڏي پهچي وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچائي ورتا، متاثرن پاران ڳوٺ واسي پنهنجي برادري جي ماڻهن مٿان گهرن کي باھ ڏيڻ جي مبينا الزام تي جهيڙو ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ ۽ هڪ ٻئي تي ڏنڊن جو آزاداڻو استعمال جنهن نتيجي ۾ سلطان احمد، مظهرعلي، ڌڻي بخش، منظور، ديدار حسين، جمال الدين، فضل محمد، رحمان جوڻيجو سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٿاڻو سڏ پند هئڻ باوجود پوليس نه پهتي ڳوٺ جي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي جهيڙو ٽاريو، زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، باھ متاثر ڳوٺاڻي صاحب خان جوڻيجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گهرن کي سازش تحت هٿ سان باھ ڏني وئي آهي جنهن سبب گهر ۾ پيل سامان اناج سميت ٻيو سامان سڙي ويا آهن هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واهر ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button